Home / دنيا / ڀارت دوا نه ڏني ته ڪارروائي لاءِ تيار رهي: آمريڪي صدر

ڀارت دوا نه ڏني ته ڪارروائي لاءِ تيار رهي: آمريڪي صدر

واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڀارت کي ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن ڀارت مليريا جي دوا نه ڏني ته جوابي ڪارروائي جي لاءِ تيار رهي.آمريڪي ڊرگ اينڊ فوڊ ايڊمنسٽريشن(ايف ڊي اي) مليريا جي علاج لاءِ استعمال ٿيندڙ مشهور دوائن(ڪلوروڪوئن) ۽ (بائيڊرو آڪسي ڪلوروڪوئن) کي ڪورونا وائرس جي مريضن تي استعمال ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي.ياد رهي ته ڀارت اهو ملڪ آهي جتي بائيڊروڪسي ڪلوروڪوئن دوائون وڏي انگ ۾ تيار ڪيون وينديون آهن. ان سلسلي ۾ آمريڪي انتظاميه ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سان ٽيليفون تي رابطو ڪري دوائن جي لاءِ مدد  جي درخواست ڪئي. جنهن تي نريندر مودي ها ڪئي پر ڀارت طرفان دوائن جي سپلاءِ تي پابندي برقرار آهي.ڀارتي ميڊيا جي رپورتن موجب ڀارتي حڪومت ٽرمپ جي درخواست تي غور ڪري رهي آهي ۽ ان بابت فيصلو جلد ڪيو ويندو. برطانوي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن وائٽ هائوس ۾ بريفنگ جي دوران آمريڪي صدر چيو هو ته ڀارت واپار ۾ آمريڪا کان تمام گهڻو فائدو کنيو آهي پوءِ به جيڪڏهن هو دوا ڏيڻ کان انڪار ٿو ڪري ته ان سان حيرت ٿيندي.ٽرمپ چيو هو ته وزيراعظم مودي سان ڳالهايو آهي ڏسون ٿا ته فيصلو ڇا ٿو ٿئي. جيڪڏهن ڀارت اجازت نه ڏني ته جوابي قدم کڻنداسين. واضح رهي ته ڪورونا جي خلاف بهتر قرار ڏنل  وارن دعوائن کان پوءِ ڀارت بائيڊروڪس ڪلوروڪوئن جي دوا  ٻاهر موڪلڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پوري دنيا ۾ ڪورونا سبب متاثر جو انگ 22 لک کان وڌيڪ ٿي ويو، آمريڪي رياستن ۾ سخت لاڪ ڊائون

واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 22 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے