Home / تازا ترين / دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي متاثرن جو انگ وڌي سوا 15 لک تائين پهچي ويو

دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي متاثرن جو انگ وڌي سوا 15 لک تائين پهچي ويو

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي متاثرن جو انگ وڌي سوا 15 لک تائين پهچي ويو، 88 هزار کان وڌيڪ فوت ٿي چڪا آهن، آمريڪا ۽ برطانيا ۾ 24 ڪلاڪن دوران سڀ کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا، آمريڪا ۾ 1850 ۽ برطانيا ۾ 938 متاثر فوت ٿيا. جڏهن ته سعودي شاهي خاندان جا 150 کان وڌيڪ ڀاتي به مرض ۾ مبتلا ٿي ويا آهن جنهن بعد شاهه سلمان ۽ ولي عهد محمد بن سلمان آئسوليشن ۾ هليا ويا آهن. ان کانسواءِ برطانيا جو وزيراعظم بورس جانسن جي صحت ۾ سڌارو اچي ويو آهي. مليل اطلاعن مطابق دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري تباهي جو سلسلو جاري آهي، آمريڪا ۾ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ 451491 ڄڻا مرض ۾ مبتلا آهن جن مان 15938 ڄڻا فوت ۽ 24790 صحتياب ٿي چڪا آهن. سڀ کان وڌيڪ متاثر نيويارڪ شهر ۽ رياست آهي ڊبليو ايچ او آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا مرض کي منهن ڏيڻ ۾ دير جا الزام رد ڪندي چيو آهي ته اسان وقت سر جواب ڏنو هو هن معاملي تي سياست نه ڪئي وڃي نه ته ان جو نتيجو وڌيڪ لاشن جي صورت ۾ نڪرندو. جڏهن ته اسپين ۾ ٻئي نمبر تي سڀ کان وڌيڪ مريض آهن جتي انگ 152446 ٿي ويو آهي جڏهن ته اتي فوتين جو انگ 15238 آهي. وزيراعظم پيڊرو سانچز جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس پنهنجي عروج تي پهچي ويو آهي اٽلي ۾ ٽئين نمبر تي سڀ کان وڌيڪ ڪيس آهن جن جو انگ 143626 آهي اتي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا آهن جن جو تعداد 18279 ٿي ويو آهي.. جرمني سڀ کان وڌيڪ مريضن ۽ هڪ لک کان وڌيڪ مريض رکندڙ دنيا جو چوٿون نمبر وڏو ملڪ بڻجي ويو آهي جتي ڪل مريض 115523 آهن، جن مان فوتين جو انگ 93425 آهي ۽ 346376 مريض صحتياب پڻ ٿي چڪا آهن. فرانس ۾ مريضن جو انگ چين کان وڌي ويو آهي جتي 83080 ماڻهو مرض ۾ مبتلا آهن. فوتين جو انگ 12228 آهي. چين ۾ مريضن جي انگ ۾ آهستگي سان وري اضافو ٿي رهيو آهي اتي ڪل مريض 82883 آهن جڏهن ته 3339 ڄڻا فوت ۽ 77679 صحتياب ٿيا آهن. ايران ۾ مريضن ۽ فوتين جي انگ ۾ اضافي جو سلسلو جاري آهي. جتي فوتين جو انگ وڌي 4110 مريضن جو 66220 انگ ٿي ويو آهي اتي 32309 مريض صحتياب پڻ ٿي چڪا آهن. يورپ جي اهم ترين ملڪ برطانيا ۾ مريضن ۽ فوتين جي انگ ۾ اضافو جاري آهي اتي 7111 ڄڻا فوت ٿيا آهن، ڪل مريضن جو انگ 61519 آهي. هوڏانهن سعودي جي حڪمران خاندا ۾ به ڪورونا وائرس جي موجودگي جا اطلاع آهن. آمريڪا جي مشهور اخبار نيويارڪ ٽائيمز جي رپورٽ موجب حڪمران خاندا جا 150 کان وڌيڪ ڀاتي ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيا آهن. راڄڌاني رياض جو گورنر شهزادو فيصل بن بندر بن عبدالعزيز آل سعود آءِ سي يو ۾ داخل آهي جنهن جي عمر 70 سالن کان وڌيڪ آهي. جڏهن ته شاهه سلمان ۽ ولي عهد محمد بن سلمان کي آئسوليشن ۾ رکيو ويو آهي ته جيئن اهي محفوظ رهي سگهن. نيويارڪ ٽائيمز جي رپورٽ موجب شاهي خاندان جي علاج لاءِ مختص اسپتال شاهه فيصل اسپيشلسٽ اسپتال ۾ مريضن جي انگ ۾ اضافي سبب وڌيڪ 500 بسترن جي تياري ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ وي آءِ پيز جي علاج لاءِ تياريون ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. شاهي خاندان جي ماڻهن لاءِ ڪمرا بچائڻ لاءِ وائرس ۾ مبتلا طبي عملي جو به اهڙين اسپتالن ۾ علاج نه ڪيو ويندو. رپورٽ موجب هيستائين شاهي خاندان جي ننڍين شاخن جا ماڻهو مرض ۾ مبتلا ٿيا آهن، شاهه سلمان پاڻ جده ويجهو ٻيٽ تي قائم شاهي محل ۾ هليو ويو آهي. جڏهن ته محمد بن سلمان وري ڳاڙهي سمنڊ جي ڪناري تي واقع شاهي محل ۾ وڃي ويٺو آهي. هڪ اڀياس ۾ چيو ويو آهي ته سعودي عرب ۾ 10 هزر کان 2 لک ماڻهو بيمار ٿي سگهن ٿا، سعودي شاهي خاندان ۾ 15 هزار جي لڳ ڀڳ شهزادا ۽ شهزاديون شامل آهن جن مان ڪيترائي آرام سان ٻاهرين ملڪن جا دورا ڪندا رهيا آهن جتان کين مرض لڳو آهي. سعودي عرب ۾ 2 هزار 932 ماڻهو مرض ۾ مبتلا آهن ۽ 41 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. ملڪ جا 4 صوبا ۽ 5 اهم شهر مڪمل لاڪ ڊائون جو شڪار آهن. جڏهن ته حج ٿيندو يا نه ان باري ۾ اڃا اعلان ٿيڻو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت پاڪستان ۽ افغانستان ۾ امن نٿو چاهي، بلوچستان ۾ سازشون ڪري رهيو آهي: شاهه محمود

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته ڀارت پاڪستان ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے