Home / تازا ترين / لاڪ ڊائون سبب ڏکڻ ايشيا ۾ معيشت جو ڦيٿو رُڪجي ويو آهي: عالمي بئنڪ

لاڪ ڊائون سبب ڏکڻ ايشيا ۾ معيشت جو ڦيٿو رُڪجي ويو آهي: عالمي بئنڪ

واشنگٽن(مانيٽرنگ ڊيسڪ)عالمي بئنڪ ڪورونا وائرس سبب ڏکڻ ايشيا جي معيشت هيٺ ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته ان جي رفتار اندازن کان 4 سيڪڙو گهٽ رهندي. عالمي بئنڪ طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته لاڪ ڊائون سبب ڏکڻ ايشيا ۾ معيشت جو ڦيٿو رُڪجي ويو آهي ۽ 8 ملڪن ۾ ڪاروبار معطل آهي. رپورٽ موجب ڪورونا کان اڳ هلندڙ سال ڏکڻ ايشيا جي معيشت ۾ ترقي جي رفتار 6.3 سيڪڙو ٿيڻ جو اندازو هو، جيڪا هاڻ 4 سيڪڙو گهٽتائي سان 1.8 کان 2.8 تائين رهڻ جو امڪان آهي. عالمي بئنڪ جي رپورٽ ۾ ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ويو آهي ته ڏکڻ ايشيا جي معيشت 40 ورهين ۾ پهريون ڀيرو ايتري هيٺ ٿيندي. رپورٽ موجب ايندڙ سال 2021 ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ معيشت جي رفتار ڪجهه بهتر ٿي 3.1 کان 4 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. عالمي بئنڪ جو چوڻ آهي ته ڏکڻ ايشيائي ملڪن کي صحت جي معاملن ۽ غربت سان وڙهڻ لاءِ اڳ کان وڌيڪ تيزيءَ سان ڪم ڪرڻو پوندو ۽ روز جي بنياد تي اجرت ڪمائيندڙن ۽ غريبن جي مدد ڪرڻي پوندي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبي ۾ تيزي سان فوتگين ۽ ڪيسن م واڌ جو سلسلو جاري آهي: مراد شاهه

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے