Home / رانديون / آءِ سي سي جي فيصلي سان مايوسي ٿي، مقوف ڏينداسين: چيئرمين احسان ماني

آءِ سي سي جي فيصلي سان مايوسي ٿي، مقوف ڏينداسين: چيئرمين احسان ماني

لاهور: (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي وومين چيمپين شپ جا پوائنٽ پاڪستان ۽ ڀارت ۾ برابر ورهائڻ تي ناخوش. پي سي بي باضابطه رد عمل جي تياري ۾ مصروف آهي.ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي چيئرمين احسان ماني چيو آهي ته فيصلي تي مايوسي ٿي. چيف ايگزيڪٽو آفيسر، ليگل ٽيم ۽ ٻين لاڳاپيل شعبن جا سربراهه معاملي جو جائزو وٺي رهيا آهن. هي مرحلو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ پنهنجو موقف ڏينداسين. ياد رهي ته آءِ سي سي وومين چيمپين شپ ۾ ڀارت کي پاڪستان جي ميزباني ڪرڻي هئي. بي سي سي آءِ حڪومت طرفان اجازت نه ملڻ جو جواز پيش ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ ٽيڪنيڪل ڪميٽي ٻنهي ٽيمن ۾ پوائنٽس  برابر ورهائي ڇڏيا آهن. ان سبب ڀارتي ٽيم سڌو سنئون ورلڊ ڪپ جي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري وئي پر پاڪستان جي هٿن مان اهو موقعو نڪري ويو ۽ ان کي ڪواليفائينگ رائونڊ کيڏڻو پوندو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

مان پنهنجون ذميواريون نه پيو نڀائي سگهان ته مان پنهنجو پاڻ ئي استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس: وقار يونس

لاهور: (مانيٽرنگ ڊيسڪ)   پاڪستاني ٽيم جي بالنگ ڪوچ وقار يونس چيو آهي ته جيڪڏهن ڪارڪردگي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے