Home / شوبز / پنهنجي والدين سان ڳلي ملڻ جي کوٽ کي محسوس ڪري ٿي: زارا نور

پنهنجي والدين سان ڳلي ملڻ جي کوٽ کي محسوس ڪري ٿي: زارا نور

ڪراچي (شوبز) مشهور اداڪارا زارا نور عباس جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي والدين سان ڳلي ملڻ جي کوٽ کي محسوس ڪري ٿي. گذريل ڏينهن پاڪستان شوبز انڊسٽري سان واسطو رکندڙ مشهور اداڪارا زارا نور عباس انسٽاگرام تي پنهنجي والدين جي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ سندس والدين لنڊن جي شهر نيو يارڪ ۾ موجود آهن. زارا نور عباس پنهنجي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته هي تصوير ڪجهه سال اڳ نيو يارڪ ۾ ورتي وئي هئي جڏهن منهنجو بابا ۽ امان هر ڀيري جيان ڳالهين ۾ گم هئا. اداڪارا لکيو ته مون کي صبح جي ناشتي، چانهه ۽ رات جي کاڌي وقت اسان جو اهو گهمڻ ڦرڻ ۽ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ياد اچي ٿو جيڪو مان والدين سان گڏ ڪندي هيس. هن لکيو ته اسان جڏهن به موقعو ملندو هو اسان کوڙ ساريون ڳالهيون ڪندا هئاسين ۽ اڄ مان اهو سمورو وقت ياد ڪري رهي آهيان. زارا نور عباس لکيوته مون کي پنهنجي والدين سان ڳلي ملڻ جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي ۽ جڏهن هو لائونچ ۾ ويٺا هئا ته مان انهن وٽان گذري هيس مون کي اهو سڀ ياد آهي. هن لکيو ته اڄ اسان سڀ پنهنجي گهرن ۾ قيد آهيون ۽ ائين محسوس ٿئي ٿو ته اسان سڀ هڪ جاءِ تي ٻڌجي ويا آهيون پر جيڪڏهن هن ڏکئي وقت ۾ اوهان جا والدين اوهان سان گڏ آهن ته اوهان کي الله جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي ته هن عالمي بحران ۾ اوهان جا والدين اوهان سان گڏ آهن، اوهان انهن کي ڏسي سگهو ٿا، انهن سان ڳالهائي سگهو ٿا. هن لکيو ته جن جا پيارا انهن کان پري آهن اهي ڀلي سندن لاءِ روئين پر الله کان انهن لاءِ دعا به ڪن ۽ الله کان پڇن ته سٺا ڏينهن ڪڏهن واپس ايندا.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

مون کي پنهنجي شادي هڪ خواب لڳي رهيو آهي: احد رضا مير

ابوظهبي (شوبز) شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجندڙ اداڪار احد رضا مير کي پنهنجي شادي هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے