Home / تازا ترين / پوري دنيا ۾ ڪورونا سبب متاثر جو انگ 22 لک کان وڌيڪ ٿي ويو، آمريڪي رياستن ۾ سخت لاڪ ڊائون

پوري دنيا ۾ ڪورونا سبب متاثر جو انگ 22 لک کان وڌيڪ ٿي ويو، آمريڪي رياستن ۾ سخت لاڪ ڊائون

واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 22 لک کان وڌيڪ ٿي ويو، جڏهن ته هڪ لک 49 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، امريڪا سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، جتي تقريبن ست لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، ملڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 31 هزار ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، برطانيه ۾ هن وقت تائين 14 هزار 570 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، چين ان ڳالهه کان انڪار ڪيو آهي ته ووهان ۾ وبا جي شدت تي پردو وڌو ويو آهي، جتي فوتگين جي انگ ۾ 1290 واڌ ٿي آهي، شهر ۾ فوتگين ۾ 50 سيڪڙو اضافو آهي، وهان ۾ ٽوٽل 3869 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. ممبئي شهر ۾ انڊين بحريه جي 21 اهلڪارن ۾ ڪووڊ 19 جي تشخيص ٿي آهي. بحريه جي طرفان جاري ڪيل هڪ بيان موجب ان ۾ پائليٽ شامل آهن جيڪي ممبئي جي سمنڊ تي مقرر هئا، بيان ۾ چيو ويو آهي ته انهن مان تمام گهڻن ۾ ڪورونا وائرس جي علامت ظاهر نه ٿي آهي. انهن سڀني جي نشاندهي پائليٽ مان ٿي، جنهن ۾ 7 اپريل تي ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي هئي. بيلجيم ۾ هن وقت ڪورونا وائرس متاثرن جو انگ 36 هزار کان وڌيڪ ۽ هن وقت تائين پنج هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.چين جو شهر ووهان، جتي ڪورونا وائرس جي وبا پکڙجڻ جو مرڪز سمجهيو وڃي ٿو، چيني عملدارن شهر ۾ فوتگين ۾ 50 سيڪڙو واڌ ظاهر ڪئي آهي، ووهان ۾ وائرس سبب 1290 وڌيڪ فوتين کي شامل ڪيو ويو آهي. ڪورونا وائرس جي متاثرن جي وڏي انگ ووهان جي هڪ ڪروڙ 10 لک شهرين سخت لاڪ ڊائون ۾ زندگي گذاري هئي، هن وقت ووهان سوڌو پوري چين ۾ عام زندگي بحال آهي، ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي رياستن ۾ سخت لاڪ ڊائون جي مخالفت ڪري ڇڏي، جڏهن ته آمريڪا جي مختلف رياستن ۾ سخت لاڪ خلاف مظاهرا ڪيا پيا وڃن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت پاڪستان ۽ افغانستان ۾ امن نٿو چاهي، بلوچستان ۾ سازشون ڪري رهيو آهي: شاهه محمود

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته ڀارت پاڪستان ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے