اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي آءِ اي جو خصوصي جهاز چين مان 18 ٽن حفاظتي سامان جي کيپ کڻي اسلام آباد پهچي ويو، اين ڊي ايم اي چيئرمين چيو آهي ته 15 ڏينهن ۾ وڌيڪ سامان پاڪستان اچي ويندو. پي آءِ اي جو خصوصي جهاز چن مان 18 ٽن حفاظتي سامان جي کيپ کڻي اسلام آباد پهچي ويو. حفاظتي سامان ۾ 15 ايڪسري مشين، 199 وينٽيليٽرز ۽ 2 سئو ٿرمل گنز شامل آهن. اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽينيٽ جنرل محمد افضل چوڌري چيو آهي ته 15 ڏينهن ۾ وڌيڪ سامان پاڪستان اچي ويندو. اين ڊي ايم اي چيئرمين چيو ته ايندڙ ڪهه ڏينهن ۾ ٽيسٽنگ جي صلاحيت وڌندي، اڄ پاڪستان روزانو 30 کان 40 هزار ڪورونا ٽيسٽنگ جي صلاحيت رکي ٿو..
