Home / پاڪستان / وفاق سنڌ جي بهتر ڪم کي سبوتاز ڪري رهيو آهي: بلاول ڀٽو

وفاق سنڌ جي بهتر ڪم کي سبوتاز ڪري رهيو آهي: بلاول ڀٽو

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وفاق سنڌ جي بهتر ڪم کي سبوتاز ڪري رهيو آهي، ملڪي قيادت جي ذميواري هوندي آهي ته قومي بحران جي موقعي تي ڏکيا فيصلا ڪري. برطانوي نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وفاقي حڪومت ۽ وزيراعظم صوبن کان لاتعلقي جو اظهار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته وفاقي حڪومت 18هين آئين ترميم جي غلط تشريح ڪري گڏيل حڪمت عملي ٺاهڻ واري پنهنجي ذميواري تان هٿ نه ٿي کڻي سگهي. بلاول ڀٽو زرداري تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت تي الزام لڳائيندي چيو ته وفاق صوبن سان گڏجي ڪم ڪرڻ بدران سنڌ جي بهتر ڪم کي ڇيهو رسائي جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته ملڪي قيادت جي ذميواري هوندي آهي ته قومي بحران جي موقعي تي ڏکيا فيصلا ڪري پر پهريون ڀيرو ٿيندو جو وفاق ۽ وزيراعظم صوبن کان لاتعلقي جو اظهار ڪري رهيا آهن. 18هين ترميم کان پوءِ صحت جي مسئلي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ بلاول چيو ته 18هين ترميم صوبن کي اختيار ڏئي ٿي پر وفاقي حڪومت کي فرار ٿيڻ جو رستو فراهم نه ٿي ڪري. بلاول ڀٽو زداري چيو ته قومي سطح تي پاليسي ٺاهڻ جي ذميواري وفاق جي ئي هوندي آهي، هن وقت قيادت جي کوٽ آهي..

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت جي بدترين ڪارڪردگي دنيا سامهون آهي: شهباز شريف

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته نه مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے