Home / پاڪستان / حڪومت محنت ڪش مزدورن جي زندگي جي معيار کي بهتر ڪرڻ لاءِ پنهنجي عزم تي قائم آهي: وزيراعظم

حڪومت محنت ڪش مزدورن جي زندگي جي معيار کي بهتر ڪرڻ لاءِ پنهنجي عزم تي قائم آهي: وزيراعظم

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت محنت ڪش مزدورن جي زندگي جي معيار کي بهتر ڪرڻ لاءِ پنهنجي عزم تي قائم آهي. وزيراعظم عمران خان مزدورن جي ڏهاڙي جي حوالي سان چيو آهي ته ڪنهن به ملڪ جي معاشي ترقي ۾ ورڪرز جو تمام وڏو ڪردار هوندو آهي. هن چيو ته هي ڏينهن محنت جي تقدس، ملڪي اقتصادي ترقيءَ لاءِ مزدورن جي اهميت جو اعتراف آهي، هي ڏينهن اسان کي انهن مزدورن جي ياد ڏياري ٿو جن پنهنجي حقن لاءِ زندگيون قربان ڪيون. هن جو چوڻ هو ته ڪرونا جي ڪري سڀ کان وڌيڪ متاثر اهي ٿيا آهن جيڪي روزاني اجرت تي ڪم ڪن ٿا، موجوده صورتحال ۾ حڪومت وڏو مالي پيڪيج ڏنو آهي، مزدورن لاءِ 200 ارب روپيا مختص ڪيا آهن. عمران خان چيو آهي ته اسان جو مذهب سماجي انصاف جي اصولن ۽ ماڻهن جي حقن جي احترام جو درس ڏئي ٿو، محنت ڪش طبقي جي حقن کي تسليم ڪرڻ ترقي جي عمل لاءِ نهايت ضروري آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته حڪومت محنت ڪش طبقي لاءِ ڪم جي ماحول ۽ انهن جي زندگيءَ جي معيار کي بهتر ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم چيو ته ترقيءَ جي ثمر کي معاشري جي سمورن طبقن لاءِ خوشحالي ۾ بدلائڻ جو به عزم رکون ٿا

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت جي بدترين ڪارڪردگي دنيا سامهون آهي: شهباز شريف

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته نه مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے