اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ن ليگ جي صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف پهرين مئي تي پورهيتن، مزدورن کي سلام پيش ڪندي چيو آهي ته پورهيت ڪنهن به معاشري جي ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا، حڪومت پيٽرول ۽ ڊيرل 50 رپيا في ليٽر ڪري پهرين مئي تي مزدورن کي تحفو ڏئي سگهي پئي، دنيا ۾ آجر ۽ اجير جي وچ ۾ وسيلن ۽ حقن جي تقسيم جو توازن اڄ به ٺيڪ نه آهي، ڪرونا جو سڀ کان وڌيڪ بار مزدور ۽ پورهيت برداشت ڪري رهيا آهن، رمضان شريف جي ماحول ۾ ڪرونا سان وڙهندي مزدور، پورهيت اسان جي خاص ڌيان جا مستحق آهن، معاشري ۾ حقيقي تبديلي مزدور جون حالتون تبديل ٿيڻ سان ئي ايندي، جمعي تي هڪ بيان ۾ هن چيو ته مزدور ۽ پورهيت ئي دنيا کي سنوارڻ جو بنياد بڻجن ٿا، هن سال پهرين مئي ڪرونا جي بيماري ۽ معاشي زوال جي دور ۾ آئي آهي ڪرونا ۽ معاشي تباهي جو سڀ کان وڌيڪ بار مزدور برداشت ڪري رهيا آهن، دلي ڏک آهي ته حڪومت ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙن کي رليف، امداد ۽ راشن پهچائي نه سگهي آهي، هر خاندان، محلو، علائقو پنهنجي ويجهو مزدور، پورهيت ۽ مستحق ماڻهن جي مدد ڪري.
