Home / تازا ترين / آئون هڪ ڀيرو ٻيهر عوام کي اپيل ڪيان ٿو ته خدارا پنهنجي گهرن ۾ رهو: مراد علي شاهه

آئون هڪ ڀيرو ٻيهر عوام کي اپيل ڪيان ٿو ته خدارا پنهنجي گهرن ۾ رهو: مراد علي شاهه

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ)سنڌ ۾ وڌيڪ 6 ماڻهو ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويا آهن جنهن بعد فوتين جو انگ 118 ٿي ويو آهي،جڏهن ته صوبي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 622 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ 6 هزار 675 ماڻهو ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيا آهن، اڄ وڌيڪ 73 ماڻهو صحتياب ٿيڻ بعد صحتياب مريضن جو انگ 1295 ٿي ويو آهي. جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ هيل تائين ڪورونا وائرس سبب 118 ماڻهو زندگيون وڃائي چڪا آهن، آئون هڪ ڀيرو ٻيهر عوام کي اپيل ڪيان ٿو ته خدارا پنهنجي گهرن ۾ رهو. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ 5 هزار 262 مريض علاج هيٺ آهن، 4044 ماڻهن کي گهرن ۾ آئسوليٽ ڪيو ويو آهي ۽ 733 ماڻهن کي آئسوليشن سينٽر ۾ رکيو ويو آهي ۽ 485 مريض مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. وڏي وزير چيو ته 45 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي،جن مان 16 مريض وينٽي ليٽرز تي آهن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت جي بدترين ڪارڪردگي دنيا سامهون آهي: شهباز شريف

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته نه مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے