Home / تازا ترين / ڀارتي فوج هڪ ڀيرو ٻيهر ايل او سي تي سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي، عورت زخمي

ڀارتي فوج هڪ ڀيرو ٻيهر ايل او سي تي سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي، عورت زخمي

راولپنڊي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڀارتي فوج هڪ ڀيرو ٻيهر ايل او سي تي سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي بنا سبب فائرنگ ۽ گولا باري جي نتيجي ۾ هڪ عورت سخت زخمي ٿي پئي. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج ايل او سي تي حاجي پير ۽ سنک سيڪٽر تي فائرنگ ۽ گولا باري ڪئي. پاڪ فوج جي شعبي موجب ڀارتي فوج طرفان آٽوميٽڪ هٿيارن، راڪيٽن، ڳرن مارٽرز ۽ آرٽلري جو استعمال ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج گذريل رات ڄاڻي واڻي شهري آبادي کي نشانو بڻائي رهي آهي، ڀارتي فوج جي بنا سبب فائرنگ سبب خواجا بانڊي ڳوٺ جي عورت سخت زخمي ٿي پئي. پاڪ فوج جي شعبي موجب زخمي ٿيل عورت کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت پاڪستان ۽ افغانستان ۾ امن نٿو چاهي، بلوچستان ۾ سازشون ڪري رهيو آهي: شاهه محمود

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته ڀارت پاڪستان ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے