لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب حڪومت يوٽيلٽي اسٽورز جو وقت وڌائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ هاڻ افطار کان پوءِ به عوام خريداري ڪري سگهندو. خط موجب هاڻ يوٽيلٽي اسٽورز صبح 9 کان رات 8 وڳي تائين کليل رهندا ۽ شهري افطار کان پوءِ به خريداري ڪري سگهندا. خط ۾ چيو ويو آهي ته يوٽيلٽي اسٽورز تي سماجي وٿي ۽ خريدارن جي لاءِ سينيٽائزر جو استعمال يقيني بڻايو ويندو.
