Home / پاڪستان / عيد کانپوءِ ڪجهه ماڻهو ٻيهر اندر وڃي سگهن ٿا: شيخ رشيد

عيد کانپوءِ ڪجهه ماڻهو ٻيهر اندر وڃي سگهن ٿا: شيخ رشيد

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪو به لاڪ ڊائون نه آهي، رڳو مذاق ٿي رهيو آهي، نيب عيد کانپوءِ ٻطرفو ٽارزن بڻجي ويندو، عيد کانپوءِ ڪجهه ماڻهو ٻيهر اندر وڃي سگهن ٿا، منهنجي اصيل مون کي انهن جا نالا ناهن ٻڌايا. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته پاڪستان ۾ ڪو به لاڪ ڊائون نه آهي، رڳو مذاق ٿي رهيو آهي. هن چيو ته، نيب عيد کانپوءِ ٻطرفو ٽارزن بڻجي ويندو، عيد کانپوءِ ڪجهه ماڻهو ٻيهر اندر وڃي سگهن ٿا، منهنجي اصيل مون کي انهن جا نالا ناهن ٻڌايا. وفاقي وزير چيو ته فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري بابت جيڪو ڪجهه چئي رهي آهي، ان بابت مان ڇا چوان؟ هن چيو ته نوازشريف کان پوءِ فردوس عاشق اعواڻ چئي رهي آهي ته کيس ڇو ڪڍيو ويو آهي، مون کي خبر ناهي ته فردوس عاشق اعواڻ کي ڇو ڪڍيو ويو آهي، هوءَ پاڻ ئي وڌيڪ بهتر ان بابت ٻڌائي سگهي ٿي. شيخ رشيد چيو ته، نيب آرڊيننس هن وقت تائين ٺيڪ ناهي ٿيو، مون کي نيب ترميم جلدي ٿيندي نظر نه پئي اچي، حڪومت کان پڇيو پر مون کي ان بابت ڪجهه ناهي ٻڌايو ويو. هن چيو ته، اهي سموريون ڳالهيون مون کي منهنجو اصل ٻڌائيندو آهي، ڪجهه ماڻهو چاهين ٿا ته ڪجهه وٺو ۽ ڪجهه ڏيو. ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته نواز ليگ وارا جيڪا ترميم چاهين ٿا اها نيب سان مذاق هوندي، ، منهنجو اصيل ٻڌائي ٿو ته شهباز شريف جا ستارا گردش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته، شهباز شريف ڪوشش ڪري رهيو آهي ته کيس ٻاهر وڃڻ ڏنو وڃي، مون ڪڏهن به اهڙي حڪومت ناهي ڏٺي جنهن ۾ اٽي ۽ کنڊ وارا شامل نه هجن. وفاقي وزير چيو ته، مان قوم کي يقين ڏيارڻ چاهيان ٿو ته عمران خا قبضا مافيا ۽ کنڊ ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪندو. هن چيو ته، مان جيستائين وزير آهيان، ڪنهن به ملازم کي بيروزگار ٿيڻ نه ڏيندس، اسان ريلوي کي خساري مان ڪڍڻ آيو آهيان، وزيراعظم عمران خان جڏهن به حڪم ڏنو ته ٽرينون انهيءَ وقت هلائينداسين. شيخ رشيد چيو ته، انفارميشن منيسٽري ۾ تمام سٺي ٽيم اچي وئي آهي، عمران خان پنج سال پورا ڪندو. منهنجو ڪنهن به پارٽي سان تعلق نه آهي، رڳو عمران خان سان آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت جي بدترين ڪارڪردگي دنيا سامهون آهي: شهباز شريف

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته نه مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے