اسلام آباد(بيوور چيف )وزيراعظم صوبن کي مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، وزيراعظم چيو ته منافعي خورن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم عمران خان پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي صوبن کي هدايت ڪئي آهي ته پيٽروليم جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو ثمر عام ماڻهو تائين پهچايو وڃي. وزيراعظم عمران خان پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي حڪومتن کي پيغام ڏنو آهي ته تيل جي قيمتن جي وڌڻ سان مهانگائي وڌندي رهي آهي پر هاڻي قيمتون گهٽ ٿيون آهن ان جو عوام کي فائدو ڏنو وڃي.ضلعن جي انتظاميا جي سهڪار سان ناجائز منافعي خورن خلاف ايڪشن ورتو وڃي، هر صورت ۾ عام واهپي جي شين جون قيمتون گهٽايو وڃن ٻي صورت ۾ ايڪشن ورتو وڃي.تيل جون قيمتون وڌيڪ هئڻ ڪري مهانگائي ٿي هئي پر هاڻي تيل جون قيمتون گهٽ ٿيون آهن ته شيون سستيون ڪيون وڃن. وزيراعظم چيو ته مهانگائي سبب عوام پريشان آهي پر هن وقت ايتري مهانگائي نه هجڻ گهرجي تيل سان گڏ عام واهپي جي شين جون قيمتون گهٽ ڪيون وڃن
