Home / پاڪستان / لاهور هاءِ ڪورٽ چوڌري ڀائرن جي درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

لاهور هاءِ ڪورٽ چوڌري ڀائرن جي درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ(ق) جي چوڌري ڀائرن طرفان نيب چيئرمين جي اختيارن بابت ڪيس ۾ عدالت نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.نيب چيئرمين جي اختيارن بابت ڪيس جي ٻڌڻي لاهور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ ڪئي. اسپيڪر پنجاب اسيمبلي چوڌري پرويز الاهي عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ هن نيب چيئرمين جي خلاف داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته نيب چيئرمين کي 19  سال پراڻي ڪيس ۽ بند ڪيل ڪيس کي ٻيهر کولڻ جو اختيار ناهي.پرويز الاهي چيو ته نب طرفان 19 سال پراڻو ڪيس ٻيهر کولڻ جو قدم غيرقانوني قرار ڏنو وڃي. چوڌري ڀائرن جي درخواست تي لاهور هاءِ ڪورٽ نيب کي 11 مئي جي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. ياد رهي ته گذريل ڏينهن پرويز الاهي نيب چيئرمين جي اختيارن کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو هو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

دنيا ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 4 هزار 924 ماڻهو فوت

لنڊن(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 4 هزار 924 ماڻهو فوت ٿي ويا، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے