Home / تازا ترين / سنڌ۾ اڄ 453 نوان ڪيس ظاهر، ڪورونا وگهي 14 فوتگيون ٿيون آهن: مراد علي شاهه

سنڌ۾ اڄ 453 نوان ڪيس ظاهر، ڪورونا وگهي 14 فوتگيون ٿيون آهن: مراد علي شاهه

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس بابت پنهنجي بيان ۾ چيو ته اڄ 453 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن جڏهن ته صوبي ۾ ڪورونا وگهي 14 فوتگيون ٿيون آهن. هن چيو ته وڌيڪ 3534 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ 453 نوان ڪيس ظاهر ٿيا ۽ هيل تائين 76078 ٽيسٽ ڪيا آهن جنهن مان 9093 ڪيسن تشخيص مثبت آئي آهي جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ جان بحق ٿيندڙ 14 ماڻهن کانپوءِ هينئر تائين جان بحق ٿيندڙن جو ٽوٽل انگ 171 ٿي ويو آهي. هن چيو ته ڪورونا جا هن وقت 7069 مريض علاج هيٺ آهن جنهن مان 5858 گهرن ۾، 683 آئسوليشن مرڪزن ۽ 528 اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن جڏهن ته 87 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جنهن مان 14 وينٽيليٽرز تي آهن. هن چيو ته وڌيڪ 122 مريض صحتياب ٿي پنهنجن گهرن ڏانهن هليا ويا آهن ۽ صحتياب ٿيندڙن جو ٽوٽل انگ 1853 ٿي ويو آهي جيڪو ٽوٽل مريضن جو 20.4 سيڪڙو آهي. هن ٻڌايو ته ڪراچي جي نوان ڪيسن جي تعداد 335 آهي جنهن مان ڪراچي جي ضلعي مرڪز ۾ 91، ضلعي ڏکڻ ۾ 81 ۽ ضلع اوڀر ۾ 69، ملير ۽ ڪورنگي ۾ 33-33 جڏهن ته ضلعي اولهه ۾ 28 وڌيڪ ڪورونا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. مراد علي شاهه ٻڌايو ته لاڙڪاڻي ۾ 35، خيرپور ۾ 16 ۽ سکر ۾ 12، حيدرآباد ۾ 9، ڪشمور ۾ 8 ۽ سانگهڙ ۾ 3 وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. هن چيو ته 18 اپريل  کان 5 مئي تائين 2369 پرڏيهي آيا ۽ انهن مان 515 ڄڻن جي تشخيص مثبت آئي آهي. هن چيو ته لاڙڪاڻي ۽ خيرپور ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيس آيا آهن ۽ ڪراچي هميشه جيان مثبت ڪيسن ۾ اڳڀرو آهي. هن چيو ته 19 مارچ تي ڪورونا سبب پهرين هلاڪت ٿي هئي جڏهن ته 29 اپريل کي 12 هلاڪتن جي رپورٽ ٿي. وڏي وزير چيو ته اڄ 7 مئي تي سڀ کان وڌيڪ 14 فوتگيون ٿيون آهن ۽ اها وڏي ڏک جي ڳالهه آهي منهنجو دل ٻوجهو آهي. وڏي وزير سنڌ جي عوام تي زور ڀريو ته اهي احتياط ڪن ۽ پاڻ سميت پنهنجن ويجهن مٽن مائٽن کي ان وائرس کان بچايو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبي ۾ تيزي سان فوتگين ۽ ڪيسن م واڌ جو سلسلو جاري آهي: مراد شاهه

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے