نڪور خبرون
Home / پاڪستان / اين سي سي اجلاس ۾ ڇهه فيصلا ٿيا ڪجهه معاملن تي صوبن سان اتفاق ناهي ٿيو: اسد عمر

اين سي سي اجلاس ۾ ڇهه فيصلا ٿيا ڪجهه معاملن تي صوبن سان اتفاق ناهي ٿيو: اسد عمر

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) رٿابندي ۽ ترقي جي وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته اين سي سي اجلاس ۾ ڇهه فيصلا ٿيا ڪجهه معاملن تي صوبن سان اتفاق ناهي ٿيو وزيراعظم چاهي ها ته آئيني اختيار استعمال ڪندي فيصلا مڙهي پئي سگهيو پر ائين نه ڪيو خميس تي وزيراعظم سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته هر هر چيو ٿو وڃي ته معيشت گهڻي ضروري آهي انساني زندگي وڌيڪ اهم آهي هن چيو ته اين سي سي اجلاس ۾ مختلف تجويزون ڏنيون ويون ۽ ڇهه فيصلا ڪيا ويا،  وفاقي وزير چيو ته ننڍن مارڪيٽن محلن، ٻهراڙي وارن علائقن جا دڪان جتي ڪو ئي وڏو ميڙ نه ٿو ٿئي انهن کي کولڻ جي اجازت ڏني وئي هن چيو ته سحري کان وٺي فجر کان وٺي شام پنجين وڳي تائين ننڍا دڪان کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي اسد عمر چيو ته خوراڪ  ۽ دوائن کانسواءِ هفتي ۾ ٻه ڏينهن سمورا ننڍا مارڪيٽ ۽ دڪان بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو هن چيو ته اسپتالن جي مخصوص او پي ڊيز کي کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

دهشتگردي جا واقعا وڌي رهيا آهن، ايران بارڊ تي به لوهي پتر ڏني ويندي: شيخ رشيد

اسلام آباد: (م ڊ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے