Home / تازا ترين / افغانستان ۾ ڌماڪي ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ 6 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان ۾ ڌماڪي ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ 6 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

ڪابل (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  افغانستان جي گادي واري شهر جي هڪ اسپتال ۾ ڌماڪي ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ 6 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن.افغان ميڊيا موجب گادي واري شهر ڪابل جي هڪ اسپتال ۾ هٿياربند ماڻهن حملو ڪيو. حملي آور اسپتال جي پويان واقع گيسٽ هائوس ۾ داخل ٿيڻ چاهيو ٿي پر ناڪامي جي صورت ۾ بارودي مواد کي ڌماڪي سان اڏائي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڇڏي.حملي آورن جي فائرنگ سبب سيڪيورٽي اهلڪار سميت 5 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا. مارجي ويلن ۾ 3 عورتون ۽ هڪ ٻار به شامل آهي. حملي آور فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. جڏهن ته ڪنهن به گروپ حملي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي.واضح رهي ته گذريل ڏينهن  ڪابل ۾ 7 زوردار ڌماڪا ٻڌا ويا هئا جن مان هڪ ڌماڪو فوجي قافلي تي ڪيو ويو هو جڏهن ته لغمان ۾ ٿيندڙ هڪ جهڙپ ۾ درجنين اهلڪار مارجي ويا هئا.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنجاب ۽ ڪي پي ۾ اٽو مهانگو آهي ته ان ۾ سنڌ جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟: سنڌ حڪومت

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) رياست مدينه جا دعويدار اٽي ۽ کنڊ جا چور نڪتا، پيٽرول ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے