Home / تازا ترين / سانا ايس ايس ڊي پي طرفان ڪچي جي ڳوٺ کماڻ ۾ استاد فيضو کماڻ جي لطيف شناسيءَ جي پورهئي کي مان ڏيندي

سانا ايس ايس ڊي پي طرفان ڪچي جي ڳوٺ کماڻ ۾ استاد فيضو کماڻ جي لطيف شناسيءَ جي پورهئي کي مان ڏيندي

سانا-ايس ايس ڊي پي (SANA-SSDP) ‎‏‎ طرفان اڄ مانجهند ڀرسان ڪچي جي ڳوٺ کماڻ ۾  لطيف جي پارکو استاد فيضو کماڻ جي لطيف شناسيءَ جي پورهئي کي مان ڏيندي، استاد فيضو کماڻ جي هٿان سڄي ڳوٺ کي راشن ۽ ٻاڪرو گوشت ڏنو ، سانا ايس ايس ڊي پي طرفان استاد فيضو کماڻ کي اجرڪ به اوڍائي ويئي ۽ ايس ايس ڊي پي هن کي موبائل ۽ هڪ ايل اي ڊي بلب جو سولر چارجر تحفي طور ڏنا. کماڻ ڳوٺ جي خاندانن لاءِ راشن جون 35 ٻوريون تقسيم ڪيون ويون۔ ايس ايس ڊي پي (SSDP)طرفان ورهايل راشن جي ٻورین ۾ چانور، ڪڻڪ جو اٽو، دال، بصر، پٽاٽا، تيل، گيهه، مصالحا، چانهه، کنڊ وغيره شامل هئا۔ ان کان سواءِ هن ڳوٺ جي غريبي کي نظر ۾ رکندي سڄي ڳوٺ کي ٻاڪرو گوشت ڏنو ويو. ‏‎‏‎ايس ايس ڊي پي کي هي راشن ۽ سڄي ڳوٺ لاءِ گوشت ڪئناڊا ۾ رهندڙ ڀيڻ ڊاڪٽر ارم قلباڻي ۽ سعودي عرب ۾ رهندڙ سندن ور ڊاڪٽر منصور ميمڻ ڏنو.  ايس ايس ڊي پي هن جوڙي جي مهرباني مڃيندي هن سڄي راشن مهم ۾ سندن ايس ايس ڊي پي سان زبردست ساٿ نڀائڻ تي  خراج تحسين پيش ڪيو آهي۔ياد رهي ته هن سڄي ڳوٺ ۾ راشن ورهائڻ جي تجويز سانا جي اڳوڻي صدر سائين عزيز ناريجي صاحب ڏني، جنهن کي ايس ايس ڊي پي مان ڏيندي اڄ عملي جامو پهرايو.  راشن ورهائڻ وقت استاد فيضو کماڻ، مشهور ليکڪ حيدر ملاح، ايس ايس ڊي پي جو ڪوآرڊينيٽر علي حيدر ڀٽو، ناميارو ڪالم نويس ۽ صحافي شوڪت ميمڻ ۽ ڌڻي بخش باريچو موجود هئا.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبي ۾ تيزي سان فوتگين ۽ ڪيسن م واڌ جو سلسلو جاري آهي: مراد شاهه

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے