Home / پاڪستان / پاڪستان 5 ڪمپنين کي ڪورونا جي علاج لاءِ دوا ٺاهڻ جو لائسنس ڏئي ڇڏيو: ڊاڪٽر ظفر مرزا

پاڪستان 5 ڪمپنين کي ڪورونا جي علاج لاءِ دوا ٺاهڻ جو لائسنس ڏئي ڇڏيو: ڊاڪٽر ظفر مرزا

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) امريڪي ڪمپني دنيا جي 5 ڪمپنين کي ڪورونا جي علاج لاءِ دوا ٺاهڻ جو لائسنس ڏئي ڇڏيو آهي، پاڪستان ۾ به “ريم ڊيزيور” دوا تيار ڪئي ويندي، وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته پاڪستان ۾ 6 کان 8 هفتن ۾ ڪورونا جي دوا ٺهي ويندي، دوا پاڪستان کان 127 ملڪن ۾ اماڻي ويندي، ڊاڪٽر ظفر مرزا پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته امريڪا پاران تيار ڪيل دوا جا سٺا نتيجا مليا آهن، ڪوشش آهي ته امريڪي دوا پاڪستان آندي وڃي، ڪجهه هفتن دوران پاڪستان ۾ ان دوا جي تياري شروع ٿي ويندي، هن چيو ته ڪورونا مريضن لاءِ دوا 4 هفتن ۾ تيار ٿي ويندي، امريڪي دوا ساز ڪمپني دوا تيار ڪري ٻڌايو آهي ته اها ڪورونا مريضن لاءِ اثرائتي آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

تعليمي ادارا فيصلي سان درسي عمل متاثر ٿيندو: شفقت محمود

اسلام آباد: (م ڊ)  تعليم کاتي جي وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته تعليمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے