Home / پاڪستان / حڪومت ڪورونا جي روڪٿام لاءِ وقت سر قدم نه کنيا، دنيا ۾ تجربو موجود آهي: احسن اقبال

حڪومت ڪورونا جي روڪٿام لاءِ وقت سر قدم نه کنيا، دنيا ۾ تجربو موجود آهي: احسن اقبال

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊِيسڪ) نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته تجربو نه رکندڙ وزيراعظم انا جي هماليه تي چڙهيل آهي، حڪومت جي ڪارڪردگي هجي ته اُن تي بحث به ڪريون. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي احسن اقبال چيو هتي ته ڪاريءَ وارا ڪک آهن، قومن جي طاقت ايٽمي هٿيارن سان ناهي هوندي. ن ليگ اڳواڻ چيو ٻڌايو وڃي ته موجوده حڪومت جي ڪورونا بابت ڪهڙي پاليسي آهي؟. هن چيو آهي ته حڪومت ڪورونا جي روڪٿام لاءِ وقت سر قدم نه کنيا، دنيا ۾ تجربو موجود آهي ته ڪورونا کان ڪيئن بچڻو آهي. هن چيو آهي ته 22 مهينا ٿي ويا آهن پر حڪومت ڪنهن به شعبي جي ڪا به پاليسي ناهي ٺاهي سگهي. احسن اقبال چيو آهي ته ماهرين چئي رهيا آهن ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪورونا وڌيڪ پکڙجڻ جو خدشو آهي. هن وڌيڪ چيو آهي ته 11 مارچ تي جڏهن صحت واري عالمي اداري چيو ته هي عالمي وبا آهي ته پوءِ هن معاملي ايوان ۾ بحث ٿيڻ گهرجي ها. هن چيو ته هي حڪومت ڪورونا وائرس سان ڇا مقابلو ڪندي، هي ڪوروني ازم جو شڪار آهي. هن چيو آهي ته 51 کان وزير ۽ مشيرن جي فوج آهي، ظفر موج کي صرف اپوزيشن تي تنقيد ڪرڻ لاءِ رکيو ويو آهي. هن چيو ته وزيراعظم کي پوري ملڪ جو وزيراعظم بڻجڻ گهرجي پر هو اپوزيشن سان گڏ ويهڻ نٿو چاهي ۽ سنڌ حڪومت خلاف محاذ کولي ڇڏيو آهي. هن چيو ته حڪومت ٻڌائي ته ڊاڪٽرز ۽ ٻين شعبن جي ماهرين سان مشاورت ڪئي وئي، ڇا انهن جي تجويزن تي غور ويچا ڪيو ويو.؟ احسن اقبال چيو آهي ته سيڪيورٽي ادارن جي بجاءِ حڪمران پنهنجو ڪم پاڻ ڪن، چالاڪي سان موجوده حڪومت پنهنجي نا اهلي قومي ادارن تي وجهڻ ٿي چاهي. هن چيو ته غير آئيني قدمن کان پرهيز ڪيو وڃي، ڪنهن به ننڍي صوبي تي ڌاڙي هڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اسان چين جي ديوار بڻجي بيهي وينداسين. هن چيو ته پيٽرول، گئس ۽ ٻين شين جون قيمتون گهٽايون وڃن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبي ۾ تيزي سان فوتگين ۽ ڪيسن م واڌ جو سلسلو جاري آهي: مراد شاهه

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے