Home / پاڪستان / ڪورونا وائرس جا 817 نوان ڪيس ظاهر ، 12 مريض فوت ٿي چڪا

ڪورونا وائرس جا 817 نوان ڪيس ظاهر ، 12 مريض فوت ٿي چڪا

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪورونا وائرس جا 535 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن ۽ 817 نوان ڪيس ظاهر ٿيا جڏهن ته 12 وڌيڪ مريضن جي فوتگين کانپوءِ جان بحق ٿيندڙن جو ٽوٽل انگ 258 ٿي ويو آهي. اهڙي صورتحال مان اها خبر پوي ٿي ته نه رڳو مريضن جي صحتيابي ۾ واڌ ٿي رهيو آهي پر نون مريضن ۽ فوتگين جو تناسب پڻ وڌي رهيو آهي.  اها ڳالهه هن جمعي تي وزيراعليٰ هائوس کان جاري هڪ بيان ۾ چئي. ڪورونا وائرس جي صورتحال جو تجزيو ڪندي مراد علي شاهه چيو ته پهرين ڀيرو اسان جي بحالي جي شرح 22 سيڪڙو کان وڌي 24 سيڪڙو ٿي وئي آهي جڏهن 535 مريضن کي علاج ڪرائي انهن کي ڊسچارج ڪيو ويو. انهيءَ سان گڏوگڏ هن چيو ته خميس تي مقامي ٽرانسميشن سبب نون مريضن جو انگ جمعي ڏهاڙي وڌي 817 ٿي ويو. نون ڪيسن ۾ واڌ جو دارومدار ٽيسٽن جي تعداد تي هوندو آهي جڏهن ٽيسٽن جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو آهي ته نون ڪيسن جي تعداد ۾ پڻ واڌ جو خدشو ٿيندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته متاثر ٿيندڙ ماڻهو موجود آهن ۽ اهي ٻين کي به متاثر ڪري رهيا آهن ۽ مريضن جو انگ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. فوتگين بابت ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته 9 مئي کان 14 مئي تائين ڪورونا وائرس وگهي ٿيندڙ 75 فوتگين جي خبر پئي آهي. انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته 12 سيڪڙي کان وڌيڪ مريض روزاني پنهنجي حياتي وڃائي ويهن ٿا جيڪا سٺي علامت نه آهي ۽ پنهنجو تحفظ ۽ انتظامي اُپائن ذريعي انهيءَ تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت آهي. اهڙي ريت هن چيو ته جمعي جي صبح تائين 535 مريض صحتياب ٿيا جڏهن ته 817 نون مريضن جو اضافو ٿيو. هن چيو ته انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان جي صحت واري نظام تي دٻاءُ آهي جيڪو 535 مريضن جي ڊسچارج ٿيڻ سان گهٽجي وڃڻ گهرجي ها، اسان کي 817 نون مريضن جي رهائش لاءِ وڌيڪ 282 بسترن جو بندوبست ڪرڻو آهي. مراد علي شاهه چيو ته جنهن مريضن کي  گهرن ۾ آئسوليشن ۾ رکيو ويو هو انهن جي ڊاڪٽر سارسنڀال لهي رهيا آهن ۽ ايمرجنسي جي صورت ۾ انهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته منهنجي حڪمت عملي مريضن کي الڳ ٿلڳ ڪري وائرس تي ضابطو آڻڻ آهي ۽ سماجي وٿيءَ ۽ ٻين ايس او پيز تي لاڳو ڪري ان کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪڻو آهي. هن چيو ته اهو تڏهن ئي ممڪن ٿيندو جڏهن ماڻهو سهڪار ڪندا ۽ صورتحال کي سمجهندا. مريضن جي تفصيلات بابت هن ٻڌايو ته 11055 مريض علاج هيٺ آهن جنهن مان 87 سيڪڙو يعني 9651 گهرن ۾ آئسوليشن ۾، 8 سيڪڙو يعني 887 قرنطينه مرڪزن ۾ ۽ 517 مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. هن چيو ته انگ اکر ٻڌائي رهيا آهن ته ٽوٽل مريضن مان 5 سيڪڙو اسپتالن ۾ آهن، جنهن مان 21 سيڪڙُ يعني 107 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جڏهن ته 35 ڄڻن کي وينٽيليٽرز تي رکيو ويو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

تعليمي ادارا فيصلي سان درسي عمل متاثر ٿيندو: شفقت محمود

اسلام آباد: (م ڊ)  تعليم کاتي جي وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته تعليمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے