Home / رانديون / اي ڪيٽيگري مان آئوٽ ٿيڻ تي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي: سرفراز

اي ڪيٽيگري مان آئوٽ ٿيڻ تي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي: سرفراز

لاهور: (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي اي ڪيٽيگري مان ٻاهر ٿيڻ تي خاموشي ختم ڪري ڇڏي آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) گذريل هفتي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان ڪيو ته اڳوڻو ڪپتان سرفراز احمد اي ڪيٽيگري برقرار نه رکي سگهيو هو ۽ هاڻ هو بي ڪيٽيگري ۾ شامل آهي. ان کان علاوه سرفراز احمد ٽيسٽ ۽ ٽي 20 کان پوءِ ون ڊي جو ڪپتان به ناهي رهيو.ڪپتاني ۽ سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي اي ڪيٽيگري وڃائيندڙ سرفراز احمد پنهنجي خاموشي ختم ڪري ڇڏي آهي. سرفراز احمد چيو ته هيٺ مٿانهين ڪنهن به رانديگر جي ڪيريئر جو حصو هوندي آهي. منهنجي لاءِ سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي اي، بي يا سي ڪيٽيگري معنيٰ نٿي رکي پر هر حال ۾ الله جو شڪر ڪندڙ شخص آهيان.سرفراز احمد چيو ته منهنجو حدف سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي ڪيٽيگري نه پر قومي ٽيم ۾ واپسي آهي. ڇو ته ڪنهن به شيءَ کي حاصل ڪرڻ آسان هوندو آهي پر ان کي برقرار رکڻ مشڪل هوندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ پاڪستان جا بهترين رانديگر شامل آهن جنهن جي بي ڪيٽيگري ۾ به بهترين رانديگرن جو هڪ گروپ آهي پر منهنجو مقصد قومي ٽيم ۾ جلد کان جلد واپسي آهي جيئن ئي موقعو ملندو مان ٽيم ۾  واپس ايندس

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

مان پنهنجون ذميواريون نه پيو نڀائي سگهان ته مان پنهنجو پاڻ ئي استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس: وقار يونس

لاهور: (مانيٽرنگ ڊيسڪ)   پاڪستاني ٽيم جي بالنگ ڪوچ وقار يونس چيو آهي ته جيڪڏهن ڪارڪردگي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے