Home / شوبز / هڪ شخص منهنجي زندگي جا 8 سال برباد ڪيا: صبا قمر

هڪ شخص منهنجي زندگي جا 8 سال برباد ڪيا: صبا قمر

ڪراچي (شوبز) اداڪارا صبا قمر انڪشاف ڪيو آهي ته هن پنهنجي زندگي جا 8 سال هڪ شخص سبب برباد ڪري ڇڏيا. ورسٽائل اداڪارا صبا قمر پنهنجي يوٽيوب چينل تي شيئر ڪيل 12 منٽ 13 سيڪنڊن تي ٻڌل وڊيو ۾ انوکي انداز ۾ پنهنجي زندگي ۾ پيش ايندڙ واقعن ۽ نجي زندگي جي حقيقتن کي دلچسپ انداز ۾ بيان ڪيو. گذريل ڏينهن اداڪارا پنهنجي يوٽيوب چينل تي شو جي ٻي قسط شيئر ڪئي هئي جنهن ۾ هن هڪ مزاحيه شو پيش ڪيو جنهن ۾ مشهور شخصيتن کان عجيب سوال پڇيا ويندا آهن. پنهنجي شو دوران اداڪارا ان ڳالهه جو انڪشاف ڪيو ته 8 سالن کان ڪنهن سان واسطو رهيو پر پوءِ ان واسطي جو برو انجام ٿيو. هن چيو ته ننڍڙي عمر کان ئي ڇوڪرين کي سيکاريو ويندو آهي ته ڀلي هو مري وڃن پر پنهنجي زندگي ۾ ايندڙ پهرئين مرد کي ڪڏهن نه ڇڏين، ان ئي هڪ جملي منهنجي زندگي جا 8 سال تباهه ڪري ڇڏيا. صبا قمر ٻڌايو ته ان شخص سان برو ورتاءُ ڪيو ۽ پوءِ هڪ ٻي عورت لاءِ کيس ڇڏي ڏنو. اداڪارا ان شخص جو نالو وٺڻ کانسواءِ ٻڌايو ته هو مون سان ڪوڙ ڳالهائيندو هو خراب ورتاءُ ڪندو هو، منهنجي تذليل ڪندو هو ۽ پوءِ مون کان معافي گهرندو هو. هن چيو ته منهنجي لاءِ اهو تعلق اهم هو ڇو ته مان شادي جي حوالي سان سوچيندي هيس ان لاءِ 8 سال ان کي قائم رکيو اهو سوچي ته هو بهتر ٿي ويندو پر هو بهتر نه ٿيو پر ان منهنجي ذهن کي تباهه ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته اداڪارا ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي يوٽيوب چينل تي شو جي پهرين قسط شيئر ڪئي هئي جنهن ۾ هن ڪورونا وائرس بابت لاڳو ڪيل لاڪ ڊائون ۾ اڪيلائپ بيان ڪئي هئي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اقرا عزيز نئين سرگرمي تي عمل شروع ڪري ڇڏيو

ڪراچي: (شوبز) پاڪستان جي خوبصورت اداڪاره اقرا عزيز ڪورونا وبا سبب لاڪ ڊائون دوران نئون  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے