Home / پاڪستان / نقصان باوجود ريل گاڏيون هلايون آهن: شيخ رشيد

نقصان باوجود ريل گاڏيون هلايون آهن: شيخ رشيد

اسلام آباد مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وڃي رهيو آهي، 31 جولاءِ تائين ٻوهارو ڦرندو، اٽو کنڊ اسڪينڊل ۾ جيڪو به ملوث هوندو بچي نه سگهندو، جيستائين عمران خان گڏ آهي، بزدار کي ڪو به خطرو نه آهي، اربع تي وفاقي وزير صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته الله تعاليٰ جي فضل ڪرم سان 30 مسافر ٽرينون هلڻ شروع ٿي ويون آهن، وڏن وزيرن جي سهڪار تي انهن جو ٿورائتو آهيان، آن لائين بڪنگ 24 ڪلاڪ پهريان بند ڪرڻ غلطي آهي، ڪيترن ئي ماڻهن کي آن لائين بڪنگ بابت ڄاڻ نه آهي، هن چيو ته سمورن ڊي ايس کي مبارڪ ڏيان ٿو جن ڪرونا کي منهن ڏيڻ لاءِ سخت حفاظتي اپاءَ ڪيا، هن چيو ته خميس تي ملتان ويندس ۽ ٻين اسٽيشنز تي به انتظامن جو جائزو وٺندس، ايس او پي تحت اسان 60 سيڪڙو مسافرن جي بڪنگ ڪئي آهي، ڪرونا جيڪڏهن اي سي مان پکڙڻ جو خدشو هجي ها ته جهاز ۾ وڌيڪ پکڙجي ها، ٽرين اي سي ۾ ڪو خطرو نه آهي، ٽرينون هلائڻ لا3 سنڌ حڪومت ٽي وي تي اعتراض  ڪيو، پر عملي طور ان اعتراض نه ڪيو، ريلوي خساري جي باوجود ٽرينون هلائي عوام جي خدمت ڪري رهيا آهيون.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

تعليمي ادارا فيصلي سان درسي عمل متاثر ٿيندو: شفقت محمود

اسلام آباد: (م ڊ)  تعليم کاتي جي وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته تعليمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے