Home / رانديون / سينٽرل ڪانٽريڪٽ نه پر ملڪ لاءِ کيڏڻ جي اهميت آهي:وهاب رياض

سينٽرل ڪانٽريڪٽ نه پر ملڪ لاءِ کيڏڻ جي اهميت آهي:وهاب رياض

لاهور()اسپورٽس نيوزقومي ٽيم جي فاسٽ بالر وهاب رياض چيو آهي ته هن وٽ سينٽرل ڪانٽريڪٽ نه پر ملڪ لاءِ کيڏڻ جي اهميت آهي. وهاب رياض ۽ محمد عامر گذريل سال ريڊ بال ڪرڪيٽ کان ڪناره ڪشي اختيار ڪئي هئي. محمد عامر اوچتو رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو ۽ ان کان پوءِ وهاب رياض جي باري ۾ به خبرون اچڻ شروع ٿيون ۽ پوءِ ائين ٿيو ۽ وهاب رياض رٽائرمينٽ جو اعلان ته ڪيو پر ريڊ بال ڪرڪيٽ کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. محمد عامر رٽائرمينٽ جي اعلان بعد سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ هڪ درجو تنزلي ڪئي وئي جڏهن ته وهاب رياض جيئن ته رٽائرمينٽ جو اعلان نه ڪيو ان ڪري هو سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي بي ڪيٽيگري ۾ ئي رهيو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي 21-2020 لاءِ سينٽرل ڪنٽريڪٽ جو اعلان ڪرڻ کان اڳ ئي اهي خبرون سامهون آيو هيون ته ٻنهي فاسٽ بالرن کي سينٽرل ڪنٽريڪٽ نه ملندو ۽ ائين ٿيو ۽ جڏهن اعلان ٿيو ته فاسٽ بالرز جو نالو فهرست ۾ شامل ئي نه هو. وهاب رياض سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ عدم شموليت جي حوالي سان هن چيو ته سينٽرل ڪانٽريڪٽ کان اڳ ئي اهي خبرون اچڻ شروع ٿيو ته اسان کي ڪانٽريڪٽ نه ملندو، هي خالص پي سي بي جو فيصلو آهي پر اسان کي ان جو سبب نه ٻڌايو ويو وهاب رياض چيو ته اسان جي باري ۾ هڪ غلط تاثر قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اسان ليگز کان پيسا ڪمائڻ لاءِ ريڊ بال ڪرڪيٽ ڇڏي ڏني آهي، اهڙي ڪا ڳالهه ناهي، هميشه پاڪستان کي ترجيح ڏني آهي، ڪيترائي ڀيرا پاڪستان ٽيم لاءِ پنهنجي آڇ ڏنم ۽ ليگز جا معاهده ڇڏيا، عزت جي فيصلن کي عزت ڏني وڃي ۽ غلط تاثر قائم نه ڪيو وڃي. وهاب رياض وڌيڪ چيو ته آئون 2017 کان پاڪستان ٽيم جو مستقل حصو نه هئس، وڏي مشڪل سامن هڪ ٽيسٽ ميچ کيڏيل آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماڻهو مون تي کلندا هئا پر مون همت نه هاري: محمد حفيظ

لاهور: (اسپورٽس نيوز)  قومي ٽيم جي آل رائونڊر محمد حفيظ چيو آهي ته مان عالمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے