Home / شوبز / پريانڪا چوپڙا تي سياهه فام آمريڪين جي حمايت مهانگي پئجي وئي

پريانڪا چوپڙا تي سياهه فام آمريڪين جي حمايت مهانگي پئجي وئي

لاس اينجلس: (شوبز)  آمريڪا ۾ سياه فام شخص جي پوليس آفيسر جي هٿان مارجي وڃڻ تي جتي سڄي دنيا ۾ ڪاوڙ ڏٺي پئي وڃي اتي ئي ان معاملي تي ڳالهائڻ تي ڀارتي اداڪاره پريانڪا چوپڙا کي به سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي ايستائين جو کيس منافق اداڪاره قرار ڏنو ويو آهي.ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي مينيا پوليس ۾ انتهائي ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو جڏهن هڪ سياه فام شخص جي پوليس آفيسر جي هٿان بي رحمي سان قتل ڪرڻ جي وڊيو وائرل ٿي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته 46  سالن جي شخص جارج فلويڊ گهٽيل آواز ۾ چئي رهيو آهي ته مون کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿي رهي آهي. جڏهن ته پوليس اهلڪار ان جي ڳالهه ٻڌڻ کان سوا3 ئي ان جي ڳچي تي پنهنجو گوڏو رکي کيس دٻائي  رهيو آهي ايستائين جو مذڪوره شخص فوت ٿي وڃي ٿو.هن وڊيو آمريڪا ۾ قهرام مچائي ڇڏيو آهي ۽ ماڻهو پوليس آفيسر جي هٿان مذڪوره شخص جي مارجي وڃڻ تي سخت احتجاج ۽ مظاهرا ڪري رهيا آهن. شوبز جي فنڪار ڀارتي اداڪاره پريانڪا چوپڙا به هن واقعي جي باري ۾ پوسٽ ڪندي مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته اها اسان سڀني جي ذميواري آهي اسان پاڻ کي هن باري ۾ آگاهه ڪريون ۽ هن نفرت جو خاتمو ڪريون.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

خبر ناهي مستقبل ۾ سينما جو ڇا ٿيندو: صنم سعيد

ڪراچي (شوبز) پاڪستان ٽي وي ۽ فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪارا صنم سعيد جو چوڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے