Home / رانديون / ماڻهو مون تي کلندا هئا پر مون همت نه هاري: محمد حفيظ

ماڻهو مون تي کلندا هئا پر مون همت نه هاري: محمد حفيظ

لاهور: (اسپورٽس نيوز)  قومي ٽيم جي آل رائونڊر محمد حفيظ چيو آهي ته مان عالمي ڪرڪيٽ جي شروعات کان اڳ پنهنجي زندگي جو مشڪل ترين وقت برداشت ڪيو آهي ماڻهو مون تي کلندا هئا پر مون همت نه هاري.سماجي رابطي جي ويب سائٽ انسٽاگرام تي لائيو سيشن ڪندي محمد حفيظ چيو ته جتي هن پنهنجي زندگي جي مختلف لمحن تان پردو کنيو اتي ئي هن پنهنجي  زندگي جي مشڪل ترين وقت جي باري ۾  به ٻڌايو. 39 ساله آل رائونڊر جو چوڻ هو  ته مان 3 سالن تائين يعني 2007 کان 2010 تائين پرفارمنس ۾ تسلسل نه هجڻ سبب پليئنگ اليون ۾ شامل نه ڪيو ويو هئس. اهو منهنجي زندگي جو مشڪل ترين ۽ سخت تڪليف ڏيندڙ وقت هو.هن ٻڌايو ته ڪهڙي طرح ٽيم ۾ شامل نه ڪرڻ کان پوءِ مان پاڻ کي هڪ بهتر رانديگر بڻايو. محمد حفيظ چيو ته 2007 ۾ منهنجي پرفارمنس بهتر نه هئي ۽ ان باري ۾ مختلف ڳالهيون ڪيون پئي ويون.پروفيسر جي نالي سان سڃاڻپ ٺاهيندڙ محمد حفيظ ٻڌايو ته ان وقت جڏهن مان ٽريننگ ڪندو هئس ته ماڻهو مون کي ڏسي کلندا هئا ۽ چوندا هئا ته مان ناڪام رانديگر آهيان جيڪو ٽريننگ ۾ پنهنجو وقت وڃائي رهيو آهيان.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سينٽرل ڪانٽريڪٽ نه پر ملڪ لاءِ کيڏڻ جي اهميت آهي:وهاب رياض

لاهور()اسپورٽس نيوزقومي ٽيم جي فاسٽ بالر وهاب رياض چيو آهي ته هن وٽ سينٽرل ڪانٽريڪٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے