Home / دنيا / آمريڪا ۾ ستين ڏينهن به مظاهرا، 40 شهرن ۾ ڪرفيو لاڳو

آمريڪا ۾ ستين ڏينهن به مظاهرا، 40 شهرن ۾ ڪرفيو لاڳو

واشنگٽن: (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ  ٽرمپ ملڪ ۾ وڌندڙ مظاهرن ۽ احتجاج کي روڪڻ جي لاءِ فوجي طاقت جي استعمال جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ملڪ ۾ سياه فام شهري جي مارجي وڃڻ کان پوءِ خراب ٿيندڙ صورتحال ۽ مظاهرين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فوجي طاقت جي استعمال جي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن شهري انتظاميه يا رياست  طرفان مظاهرين جي خلاف سخت ايڪشن نه ورتو ويو ته مان  عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ آمريڪي فوج کي موڪليندس جيڪا فوري طور تي مسئلي کي حل ڪري ڇڏيندي.ٻئي طرف پوليس اهلڪارن جي هٿان سياه فام شهري جارج فلائيڊ جي مارجي وڃڻ کان پوءِ سندن وارثن ان جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي جنهن جي رپورٽ موجب جارج جي موت ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٿي آهي. وارثن جي وڪيل چيو آهي ته موت دل جو دورو پوڻ سبب ناهي ٿي جيئن سرڪاري رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي. آمريڪا ۾ سياه فام شهري جارج فلائيڊ جي پوليس گرفتاري ۾ قتل جي خلاف جاري مظاهرن ۾ تيزي اچي وئي آهي.آمريڪي صدر جي خطاب کان اڳ مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ وائٽ هائوس جي ٻاهران ڳوڙها آڻيندڙ گس جي شيلنگ ۽ رٻڙ جون گوليون وسايون ويون جڏهن ته ڪينٽڪي ۾ پوليس اهلڪارن جي فائرنگ سبب هڪ  شهري به مارجي ويو. هوڏانهن واشنگٽن سميت 23 رياستن ۾ نيشنل سيڪيورٽي گارڊن کي مقرر ڪيو ويو آهي.جڏهن ته احتجاج جي سلسلي کي روڪڻ جي لاءِ آمريڪا جي 40 شهرن ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي.  سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ مظاهرن دوران ڀڃ ڊاهه،  ۽ باهين جي الزام ۾ 5 هزار ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.امريڪا ۾سياه فام شخص جي قتل خلاف ستين ڏينهن به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، وڳوڙ روڪڻ لاءِ 40 شهرن ۾ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي. پوليس اهلڪار هٿان سياه فام شخص جارج فلائيڊ جي قتل خلاف سوين شهري رستن تي نڪري آيا، جن نسل پرستي خلاف نعريبازي ڪئي. ڪينٽڪي ۾پوليس ۽ نيشنل گارڊز احتجاجي مظاهرو ڪندڙن تي فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب مظاهري ۾شريڪ هڪ ڄڻو مارجي ويو. پورٽ لينڊ ۾احتجاج ڪندڙن کي منتشر ڪرڻ لاءِ انتظاميا طرفان مرچن جو ڦوهارو ڪري مظاهرو روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ملڪ ۾وڳوڙ روڪڻ لاءِ 40 شهرن ۾ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي، نيويارڪ ۾رات 11 کان صبح 5 وڳي تائين ڪرفيو لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. گادي واري شهر واشنگٽن سميت 23 رياستن ۾نيشنل گارڊز مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڀڃ ڊاهه جي الزام ۾5 هزار کان وڌيڪ شهرين کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي. نسل پرستي خلاف احتجاج ڪندڙ سوين ماڻهو وائيٽ هائوس ٻاهران به پهچي ويا، جن کي منتشر ڪرڻ لاءِ آنسوگيس جي شيلنگ ڪري رٻڙ جون گوليون وسايون ويون. مظاهرين کي منشر ڪرڻ بعد ٽرمپ اهلڪارن سان گڏ پنڌ وڳوڙن سبب متاثر ٿيل چرچ تائين هلي ويو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ۾ طالبان جي ٻن حملن ۾ گڏيل طور تي 17 اهلڪار مارجي ويا

ڪابل: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) افغانستان ۾ طالبان جي ٻن حملن ۾ گڏيل طور تي 17 اهلڪار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے