ڪراچي (شوبز) پاڪستان ٽي وي ۽ فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪارا صنم سعيد جو چوڻ آهي ته خبر ناهي ته مستقبل ۾ سينما جو ڇا ٿيندو. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پنهنجي نئين ايندڙ فلم “عشرت ميڊ ان چائنا” جو ڪريڪٽر پوسٽر جاري ڪندي اداڪارا لکيو ته اهڙي صورتحال ۾ جڏهن اسان کي ڪو اندازو ناهي ته مستقبل ۾ سينما جو ڇاٿيندو پر اسان شوقينن کي مصروف رکڻ جا بهانو ڳولي ورتو آهي. هن ٽوئيٽ ۾ نئين ايندڙ فلم عشرت ميڊ ان چائنا جو پوسٽر مداحن سان شيئر ڪيو. صنم سعيد واضح ڪيو ته هي پوسٽر فلم ۾ نڀايل ڪردار جي مناسبت سان آهي.
