Home / رانديون / پي ايس ايل جا مقابلا شروع ٿيڻ جو ڪوبه امڪان ناهي: شعيب اختر

پي ايس ايل جا مقابلا شروع ٿيڻ جو ڪوبه امڪان ناهي: شعيب اختر

لاهور: (اسپورٽس نيوز)  پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر کي پي ايس ايل جي مستقبل جي فڪر تنگ ڪرڻ لڳي جڏهن ته هن دعويٰ ڪئي آهي ته ليگ معاشي بحران جو شڪار ٿي وئي آهي.هڪ انٽرويو ۾ شعيب اختر چيو آهي ته ايندڙ 18 مهينن تائين پي ايس ايل جا مقابلا شروع ٿيڻ جو ڪوبه امڪان ناهي. ليگ معاشي بحران کي منهن ڏنو آهي. ڪيترائي ماڻهو اهي اهڙيون ڳالهيون ٻڌڻ نٿا چاهين پر اهڙي صورتحال ۾ ٽيم جا مالڪ پنهنجي ٽيمن کي وڪرو ڪرڻ جو سوچي رهيا آهن. هن چيو ته ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال ۾ ورلڊ ڪپ جي شروع ٿيڻ لاءِ 8 مهينن تائين انتظار ڪرڻو پوندو.سيپٽمبر تائين ڪابه ڪرڪيٽ  نه ٿي ته پي ايس ايل 4 مهينن ۾ ڪيئن ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته بورڊ اهڙين حالتن ۾ فرنچائز کي پئسا ڏيڻ لاءِ نٿو چئي سگهي. منهنجي ڄاڻ موجب ٽيم جا مالڪ وڪرو ڪرڻ لاءِ تيار آهن. منهنجي خواهش ۽ ڪوشش هوندي ته پي ايس ايل بقا جي جنگ کٽڻ ۾ سرخرو ٿئي ۽ پهريان کان به وڏا برانڊ بڻجي سامهون آيا. ليگ جي لاءِ مالي ۽ اخلاقي سپورٽ ڪرڻ منهنجي لاءِ وڏي خوشي جهڙي ڳالهه هوندي.شعيب اختر چيو ته مان ان ڳالهه کان اتفاق نٿو ڪريان ته ڀارت آڪٽوبر، نومبر ۾ آءِ پي ايل جي شروع لاءِ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ملتوي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. آءِ سي سي، ڪرڪيٽ آسٽريليا ۽ بي سي سي آءِ ان حوالي سان ڪجهه نٿي ڪري سگهي. اصل فيصلو آسٽريلوي حڪومت کي پنهنجي ملڪ جي صورتحال کي ڏسي ڪرڻو پوندو ان جي پهرين ترجيح رانديگر، آفيشلز ۽ ٻين ماڻهن جي صحت هوندي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سينٽرل ڪانٽريڪٽ نه پر ملڪ لاءِ کيڏڻ جي اهميت آهي:وهاب رياض

لاهور()اسپورٽس نيوزقومي ٽيم جي فاسٽ بالر وهاب رياض چيو آهي ته هن وٽ سينٽرل ڪانٽريڪٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے