Home / تازا ترين / دنيا ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 2 هزار 292 انساني جانيون ڳڙڪائي ويو

دنيا ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 2 هزار 292 انساني جانيون ڳڙڪائي ويو

ڪراچي ( رپورٽر) سموري دنيا ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 2 هزار 292 انساني جانيون ڳڙڪائي ويو، 84 هزار 341 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ 71لک 66 هزار 939 ٿي ويو آهي. آمريڪا ۾ صورتحال بدستور خراب آهي، جتي هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 537 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 16 هزار نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ 2لک 23هزار 975 ٿي ويو آهي. ڀارت ۾ وائرس جي پکيڙ ۾ اضافو ٿيو آهي، جتي هڪ ڏينهن ۾ 266 انساني جانيون ضايع ٿيڻ کانپوءِ فوتين جو انگ 7 هزار 473 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 8 هزار 442 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو ڪل انگ 2 لک 65 هزار 928 ٿي ويو. ميڪسيڪو ۾ 188، روس ۾ 112، برازيل ۾ 103، برطانيا ۾ 55، فرانس ۾ 54، سعودي عرب ۾ 34 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا آهن. عالمي وبا سبب هيل تائين حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 4لک 7 هزار 375 ٿي ويو، جڏهن ته 35لک کان وڌيڪ مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

دنيا ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 4 هزار 924 ماڻهو فوت

لنڊن(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 4 هزار 924 ماڻهو فوت ٿي ويا، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے