Home / تازا ترين / افغانستان ۾ طالبان جي ٻن حملن ۾ گڏيل طور تي 17 اهلڪار مارجي ويا

افغانستان ۾ طالبان جي ٻن حملن ۾ گڏيل طور تي 17 اهلڪار مارجي ويا

ڪابل: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) افغانستان ۾ طالبان جي ٻن حملن ۾ گڏيل طور تي 17 اهلڪار مارجي ويا ۽ 15 زخمي ٿي پيا. افغان ميڊيا موجب طالبان پهريون حملو قندوز جي چيڪ پوسٽ تي ڪيو.حملي ۾ 5 اهلڪار مارجي ويا ۽ 7 زخمي ٿي پيا. حملي آور افغان فوج جا هٿيار ۽ 2 گاڏيون به پاڻ سان گڏ کڻي ويا. ٻئي طرف صوبي جوزجان جي سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي به موٽر سائيڪل سوار درجن کان وڌيڪ طالبان ويڙهاڪن حملو ڪري ڏنو. جنهن جي نتيجي ۾ 12 اهلڪار مارجي ويا ۽ 8 زخمي ٿي پيا. ان ڪارروائي کان پوءِ به حملي آور پاڻ سان گڏ افغان فوج جا هٿيار ۽ گاڏيون کڻي ويا.افغان حڪومت ۽ طالبان ويڙهاڪن طرفان سيز فائز جي اعلان جي باوجود گذريل هڪ هفتي جي دوران ويڙهاڪن جي حملن ۾ مارجي ويل اهلڪارن جو انگ 171 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 250 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.واضح رهي ته 29 فيبروري تي طالبان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٿيندڙ امن معاهدي جي باوجود افغانستان ۾ اڃان تائين امن قائم ناهي ٿي سگهيو ۽ طالبان  معاهدي تحت پنهنجي گرفتار ٿيل ماڻهن جي آزادي واري عمل ۾ سست رفتاري تي ناراض آهن جڏهن ته حڪومت آزادي کي حملا روڪڻ سان مشروط ڪري رهي آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

شگر مل ڪيس، جهانگير ترين جو جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيڻ کان انڪار

لاهور: (م ڊ) شوگرملز ڪيس ۾ گڏيل جاچ ٽيم طرفان طلبي تي جهانگير ترين چيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے