Home / تازا ترين / سنڌ اسيمبلي بجيٽ اجلاس: حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرز جو گوڙ

سنڌ اسيمبلي بجيٽ اجلاس: حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرز جو گوڙ

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ تقريرن دوران حڪومت ۽ اپوزيشن ميمبرز پاران سخت گوڙ ڪيو ويو. جي ڊي اي ايم پي اي نصرت سحر عباسي چيو آهي ته صحت کاتي جي ڪارڪردگي اها آهي جو ڪنڌڪوٽ ۾ عورت ڪچري جي ڍير تي ٻار کي جنم ڏنو.هن چيو آهي ته مردن اڳيان ٻار کي جنم ڏيندڙ عورت جنهن تڪليف مان گذري رهي هئي، اُن کي هڪ ماءُ ئي محسوس ڪري سگهي ٿي. نصرت سحر عباسي چيو آهي ته جهرڪ ۾ ٻڏي فوت ٿيل 7 ٻارن جا لاش مڇيءَ جو گند کڻي ويندڙ گاڏي ذريعي اسپتال نيا ويا، ٻڌايو وڃي ته سجاول ۽ ٺٽو ۾ ايمبولينسز لاءِ رکيل هڪ ارب رُپيا ڪٿي خرچ ٿيا آهن؟. هن چيو آهي ته ائنٽي ڪرپشن سوڌو ٻين کاتن کي سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ٿيندڙ ڪرپشن ڇو نظر نٿي اچي،؟ نصرت سحر عباسي جي تقرير دوران حڪومتي ميمبرز گوڙ ڪندا رهيا. نصرت سحر عباسي جي تقرير کانپوءِ پ پ ايم پي اي هير سوهو اپوزيشن تي ڪاوڙ ڪندي چيو ته سندس تقرير دوران ڪنهن ڳالهايو ته اُن کي ڏنڊو هڻندي. هن چيو آهي ته وفاق اهڙو نِڪمو ۽ ويڳو پيءُ آهي جيڪو صوبن کي ڏنڊا هڻي رهيو آهي. هير سوهو جي ڏنڊو هڻڻ واري بيان تي اپوزيشن ميمبرن پاران سخت گوڙ ڪيو ويو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

دنيا ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 4 هزار 924 ماڻهو فوت

لنڊن(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 4 هزار 924 ماڻهو فوت ٿي ويا، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے