Home / دنيا / سعودي عرب هلندڙ سال جي لاءِ حج پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو

سعودي عرب هلندڙ سال جي لاءِ حج پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو

رياض (م ڊ ) سعودي عرب هلندڙ سال جي لاءِ حج پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب هن سال صرف سعودي عرب ۾ رهندڙ ماڻهو ئي حج جي ادائيگي ڪري سگهندا.سرڪاري خبرون ڏيندڙ اداري موجب حج وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هن سال حج کي محدود رکيو ويندو ۽ سعودي عرب ۾ رهندڙ مختلف قومن سان تعلق رکندڙ ماڻهو ئي حج ادا ڪري سگهندا.ڪورونا وائرس سبب هن سال پرڏيهه ۾ رهندڙ ماڻهن کي حج جي ادائيگي جي لاءِ سعودي عرب اچڻ جي اجازت نه هوندي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس وبا جي پکيڙ ۽ ويڪسين تيار نه ٿيڻ سبب حج ادا ڪندڙن کي محدود رکيو ويندو. جنهن دوران حاجي سڳورن جي وچ ۾ سماجي وٿي برقرار رکڻ ۾ مدد ملندي. حج جي وزارت  پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وبا جي شروعات کان ئي حرمين شريفين ايندڙ زائرين ۽ حاجي سڳورن جي صحت يقيني بنائڻ اسان جي اولين ترجيح رهي آهي. مقدس هنڌن کي زائرين جي لاءِ محفوظ بنائڻ جي لاءِ پهريان عمره زائرين تي پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي. ڪيترين ئي اسلامي ۽ عالمي تنظيمن وبا جي پکيڙ کي محدو ڪرڻ جي لاءِ اسان جي هن قدمن جو اعتراف ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان وبا جي پکيڙ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي هن سال حج کي محدود ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ياد رهي ته هر سال اسلام جي اهم رڪن حج جي ادائيگي لاءِ لکين مسلمان سعودي عرب ۾ مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره جو سفر ڪندا آهن.گذريل سال 25 لک ماڻهن حج جا فرض ادا ڪيا پر هلندڙ سال  ڪورونا وائرس وبا  سبب ٻه مهينا اڳ ئي  سعودي حج واري وزارت سڄي دنيا جي  حج پانڌيئڙن کي حج جون تياريون ملتوي ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون هيون.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

دنيا ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 2 هزار 292 انساني جانيون ڳڙڪائي ويو

ڪراچي ( رپورٽر) سموري دنيا ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 2 هزار 292 انساني جانيون ڳڙڪائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے