Home / تازا ترين / سنڌ ۾ لڱ ساڙيندڙ گرمي، ڊگهي لوڊشيڊنگ پاڻيءَ جو بحران، شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا

سنڌ ۾ لڱ ساڙيندڙ گرمي، ڊگهي لوڊشيڊنگ پاڻيءَ جو بحران، شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ لڱ ساڙيندڙ گرمي ۽ ٻوسٽ دوران ڊگهي لوڊشيڊنگ پاڻيءَ جو بحران به پيدا ڪري ڇڏيو، شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا، ڪراچي ۾ جاري لوڊشيڊنگ هڪ ڪلاڪ وڌائڻ جو اعلان، ڪي اليڪٽرڪ ترجمان چيو آهي ته بجليءَ جي پيدوار گهٽ ۽ کپت وڌيڪ هجڻ سبب لوڊشيڊنگ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، حيدرآباد، سکر، دادو، لاڙڪاڻو، مٺي، نوشهروفيروز ۽ ٻين شهرن ۾ ڊگهي ۽ ان اعلان لوڊشيڊنگ سبب عام زندگي ڊانواڊول، شهرين ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو خلاف دانهيندي چيو آهي ته هڪ ته اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، ٻيو وري ٽرانسفارمر به تبديل نٿا ڪيا وڃن، اختياريون خاموش تماشائي بڻيل، حيدرآباد جي ٽنڊو ولي محمد واري علائقي جا رهواسي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف رستن تي نڪري آيا، حيسڪو خلاف نعريبازي ڪئي وئي۔

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

دنيا ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 4 هزار 924 ماڻهو فوت

لنڊن(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 4 هزار 924 ماڻهو فوت ٿي ويا، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے