Home / پاڪستان / ڪشميرين جو قتلام انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي: پاڪستان

ڪشميرين جو قتلام انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي: پاڪستان

اسلام آباد  (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان آئيشه فاروقي چيو آهي ته ڀارت جعلي مقابلن ۽ نام نهاد سرچ آپريشن ۾ وڌيڪ 14 ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي ڀارتي فوج هٿان ڪسميري نوجوانن جي شهادت مذمت جوڳي ۽ عالمي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي او آءِ سي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي لتار تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. خميس تي هفتيوار ميڊيا ڄاڻ ڏيندي آئيشه فاروقي چيو ته گذريل 326 ڏينهن کان والاريل ڪشمير ۾ غير انساني لاڪ ڊائون جاري آهي گذريل 5 مهينن ۾ 110 ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو جڏهن ته تازو ئي ڀارتي فوج جعلي مقابلن ۽ سرچ آپريشن جي نالي تي وڌيڪ 14 ڪشمرين کي شهيد ڪيو ترجمان چيو ته پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڪشميري نوجوانن جي عدالت مٿاهين قتل جي مذمت ڪري ٿو ڪشميرين جي قتل ۾ بي جي پي سرڪار سڌي سنئين ملوث آهي عدالت مٿان قتل عالمي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. گذريل 6 مهينن ۾ ڀارت ايل او سي تي 10 هزار 440 ڀيرا سيز فائر جي ڀڃڪڙي ڪئي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

دنيا ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 4 هزار 924 ماڻهو فوت

لنڊن(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 4 هزار 924 ماڻهو فوت ٿي ويا، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے