Home / دنيا / والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جو ظلم جاري، 2 وڌيڪ ڪشميري نوجوان شهيد

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جو ظلم جاري، 2 وڌيڪ ڪشميري نوجوان شهيد

سري نگر (م ڊ ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جو ظلم جاري آهي. قابض ڀارتي فوج سوپور ۾  2 وڌيڪ ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو.ڀارتي ڳجهين ايجنسين جي هٿان گم ٿي ويل پي ايڇ ڊي اسڪالر بلال ڊار جي وارثن سري نگر ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. والاريل وادي ۾ ڪشميري نوجوانن جو قتل عام رڪجي نه سگهيو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب قابض فوج سوپور شهر جي علائقي هردشيوا ۾ نوجوانن کي سرچ آپريشن  دوران شهيد ڪري ڇڏيو.ڀارتي فوج علائقي ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائل سروس به بند ڪري گهر گهر تلاشي به ورتي. هوڏانهن ضلعي بڊگام تي قابض فورس ڪيترن ئي نوجوانن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.ظالماڻين ڪارروائين جي خلاف ڪشميرين ڀارت جي خلاف احتجاج ڪيو. ڀارتي ڳجهين ايجنسين هٿان گم ٿي ويل پي ايڇ ڊي اسڪالر بلال احمد ڊار جي وارثن سري نگر ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين جو چوڻ هو ته هڪ لائق، قابل ۽ معصوم کي ڀارتي فورس جو نشانو بنجڻ نه ڏينداسين.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪا ۾ ٽڪ ٽاڪ ۽ وي چيٽ تي پابنديءَ جو حڪم

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا ۾ چيني ايپس ٽڪ ٽاڪ ۽ وي چيٽ کي ڊائون لوڊ ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے