ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 17 مريض فوت ٿي ويا، فوتين جو انگ 1178 ٿي ويو، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت جاري بيان ۾ چيو آهي ته 24ڪلاڪن دوران ڪورونا جا وڌيڪ 1098 ڪيس سامهون آيا آهن، صوبي ۾ 24 ڪلاڪن دوران 17 مريض فوت ٿي ويا آهن، وڏي وزير مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته 24ڪلاڪن دوران6458 ڄڻن جون ڪورونا ٽيسٽون ڪيون ويون، هن چيو ته هن وقت تائين409145 جون ٽيسٽون ٿي چڪيون آهن.
