Home / ڪاروبار / وياج جي شيرح ۾ هڪ سيڪڙو گهٽتائي، معيست ۾ بهتري جو امڪان

وياج جي شيرح ۾ هڪ سيڪڙو گهٽتائي، معيست ۾ بهتري جو امڪان

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان وياج جي شرح ۾ وڌيڪ هڪ سيڪڙو گهٽتائي ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ وياج جي شرح 7 سيڪڙو تي اچي وئي. مرڪزي بئنڪ طرفان ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي وبا کانپوءِ ٽن مهينن دوران وياج جي شرح ۾ پنجون ڀيرو گهٽتائي ڪئي وئي آهي. 6 اپريل تي اسٽيٽ بئنڪ ڪورونا وائرس جي ملڪي معيشت تي پوندڙ ناڪاري اثرن سبب وياج جي شرح ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان ڪيو هو، جنهن کانپوءِ وياج جي شرح 9 سيڪڙو تي اچي وئي هئي.ان کانپوءِ مئي ۾ اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح ۾ وڌيڪ هڪ سيڪڙو گهٽتائي ڪئي، جنهن کانپوءِ وياج جي شرح 8 سيڪڙو ٿي وئي هئي. مارچ کان هيل تائين اسٽيٽ بئنڪ طرفان وياج جي شرح ۾ ڪُل 6.25 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام، هڪ هفتي دوران اگهن ۾ 6 سيڪڙو واڌ

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) حڪومت مهانگائي تي ڪنٽرول نه ڪري سگهي ۽ هڪ هفتي جي دوران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے