Home / پاڪستان / قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو

قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو مقابلي کان پوءِ 4 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پوليس اهلڪار سميت 4 سيڪيورٽي گارڊ ۽ هڪ شهري به شهيد ٿي ويو گورنر ۽ سنڌ جي وڏي وزير دهشتگردي جي واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. هن چيو ته اسٽاڪ ايڪسچيج تي حملو پاڪستان جي معيشت تي حملو آهي اسٽاڪ ايڪسچينج کي سيڪيورٽي ڏيڻ پوليس جي ذميواري آهي تفصيل موجب سومر جي صبح اٽڪل 10 وڳي 4 دهشتگرد اڇي رنگ جي هڪ ڪار ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي اڱڻ ۾ داخل ٿيا گاڏي مان لهندي ئي انهن فائرنگ شروع ڪئي ان موقعي تي عمارت جي سيڪورٽي تي مقرر گارڊز ۽ قانون لاڳو ڪندر اهلڪارن کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي دهشتگردن فائرنگ سان گڏوگڏ دستي بم اڇلايا جڏهن ته سيڪيورتي گارڊ جي فائرنگ ۾ 2 دهشتگرد داخل ٿيڻ واري گيٽ تي ئي مارجي ويا جڏهن ته ٻيا اسٽاڪ مارڪيٽ عمارت ۾ داخل ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ رينجرز جا وڏا اٽالا پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڀرپاسي پهچي ويا ۽ علائقي تي ڪڙو چاڙهي ورتو ڊي آءِ جي ڏکڻ شرجيل کرل مطابق چئن دهشتگردن اسٽاڪ مارڪيٽ جي عمارت تي حملو ڪيو ٻه دهستگرد داخلي گيٽ تي مارجي ويا جڏهن ته 2 دهشتگرد عمارت ۾ داخل ٿي ويا هئا جن کي سرچ آپريشن دوران ماريو ويو مارجي ويل دهشتگردن جي بيگز مان دهستي بم، پاڻي جون بوتلون کاڌي پيتي جون شيون ۽ جديد هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن ذريعن مطابق انهن وٽ بارودي مواد سان ڀريل جيڪٽس به موجود هيون شروعاتي اطلاعن مطابق هٿياربند اسٽاڪ ايڪسچيج ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جن مان ٻن کي مرڪزي گيٽ تي ماريو ويو هو پوليس ذريعن مطابق ڪل 4 ماڻهو ڪار ۾ سوار ٿي استاڪ ايڪسچيج جي حد ۾ داخل ٿيا ۽ ٻن ڄڻن کي عمارت جي مرڪزي گيٽ تي ماريو ويو هو. ذريعن مطابق دهشتگرد اڇي رنگ جي ڪرولا ڪار نمبر بي اي پي 269 ٻڌايو ويو آهي ان ۾ آيا چئن دهشتگردن مرڪزي دروازي کان اندر داخل ٿيندي فائرنگ ڪئي جڏهن ته سڪيورٽي اهلڪارن جوابي ڪارروائي ۾ ٻن دهشتگردن کي گيٽ تي ئي ماري ڇڏيو ۽ دهشتگردن کي عمارت اندر داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو. دهشتگردن کان هٿ آيل ايمونيشن کي ڏسندي لڳي ٿو ته اهي وڏي ڪارروائي لاءِ آيا هئا انهن وٽ جديد هٿيار لائيفل، ڪلاشنڪوف ۽ هينڊ گرنيڊ موجود هئا جڏهن ته بهادر سيڪيورٽي گارِڊز انهن جو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو. پوليس پاران مليل ڄاڻ مطابق هڪ پوليس سب انسپيڪٽر محمد شاهد ۽ چار سيڪيورٽي گارڊ  شهيد ٿيا آهن فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڪيترائي شهري شهيد به ٿيا آهن ايس ايس ڇي مقدس حيدر مطابق سب انسپيڪٽر محمد شاهد، پوليس ڪانسٽيبل سعيد اڪرم ۽ سيڪيورٽي گارڊ افتخار فضل  شهيد ٿيا آهن ۽ ٻين جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي. پوليس سرجن ڊاڪٽر قرار احمد عباسي ٻڌايو ته سول اسپتال ۾ ڪل 2 لاش ۽ 8 زخمين کي آندو ويو جن ۾ پوليس اهلڪار به شامل هئا. چئني دهشتگردن جا لاش سول اسپتال ۾ آندا ويا ڊاڪٽر مطابق چئني دهشتگردن کي ٽي شرٽ، جينس ۽ ٽرائوزر پهريل هئا دهشتگردن جي کيسن مان سڃاڻپ واري ڪابه شئي نه نڪتي دهشتگردن جون عمرون 22 سالن کان 28 سالن جي وچ ۾ آهن ٻئي پاسي پوليس ذريعن ٻڌايو ته ٻن کان ٽن سڪي ماڻهن کي پوليس واقعي واري هنڌ تان گرفتار ڪيو ويو آهي دهشتگردن جي گاڏي تحويل ۾ وري ويئي آهي هٿ آيل هٿيارن ۾ دستي بم ۽ آٽوميٽڪ رائفلون شامل آهن هٿيار فرانزڪ ليبارٽري ڏانهن موڪليا ويا آهن. صوبائي وزير ناصر حسين شاهه اسٽاڪ مارڪيٽ تي حملو جي مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردن وٽ ڳرا هٿيار هئا انهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي عمارت ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جوابي ڪارروائي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا سنڌ جي وڏي وزير سڄي علائقي ۾ سرچ آپريشن جا حڪم ڏنا آهن ويڏي وزير چيو ته وبائي صورتحال سبب ملڪ جا دشمن ناجائز فائدو وٺڻ چاهين ٿا ان سان گڏ ئي هن واقعي جي مڪمل تفصيلي انڪوائري ڪرڻ جي هدايت ڪندي رپورٽ طلب ڪري ڇڏي. انتهاپسند تنظيم بلوچ لبريشن آرمي سومر جي صبح ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچيج تي ٿيل حملي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي بي ايل اي ذميواري قبول ڪندي حملي ۾ ملوث ماڻهن جا نالا جاري ڪري ڇڏيا آهن جن ۾ تسليم بلوچ عرف مسلم،  شهزاد بلوچ عرف ڪوبرا، سلمان حمال عرف نوٽڪ، سراج ڪنگر عرف ياگي شامل آهن. پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ 6 ڄڻا فوت جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان مقابلي ۾ 4 دهشتگرد به مارجي ويا.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

دنيا ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 4 هزار 924 ماڻهو فوت

لنڊن(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 4 هزار 924 ماڻهو فوت ٿي ويا، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے