Home / پاڪستان / وزيراعظم کي ايوان جو اعتماد حاصل آهي، استعيفا نه ڏيندو: شاهه محمود قريشي

وزيراعظم کي ايوان جو اعتماد حاصل آهي، استعيفا نه ڏيندو: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد  (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي مخالف ڌر پاران وزراعظم عمران خان کان استعيفا جي مطالبي تي واضح ڪيو ته عمران خان کي عوام جو اعتماد حاصل آهي هو استعيفا نه ڏيندو اپوزيشن جي صفن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي ڏسجو عمران خان جو هڪ هڪ ٽائيگر ايوان ۾ موجود آهي سڀ عمران خان ۽ ان جي نظريي سان گڏ بيٺا آهن حڪومتن جي پرواهه نه اهي نظريي جو دفاع ڪنداسين سوديبازي نه ڪنداسين اپوزيشن ميمبر پاران چيو ويو ته نوٽيس وٺڻ بند ڪري  ڇڏيو. هي ڪرپشن ڪن، مني لانڊرنگ ڪن ۽ اسان نوٽيس نه وٺون عمرن خان ته آيو ئي نوٽيس وٺڻ لاءِ آهي سومر تي قومي اسيمبلي اسپيڪر جي سربراهي ۾ جاري بجيٽ اجلاس ۾ خيالن جو اطهار ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته مان خواجه آصف کي يقين ڏياريان ٿو ته ڪرونا جو شڪار ڪنهن ميمبر کي ايوان ۾ اچڻ جي اجازت ناهي ڏني نه ئي اسان ايترا غير ذميوار آهيون پرڏيهي وزير چيو ته اسان کيڪابه مايوسي نه آهي هي هڪ ساليانو فنانس بل آهي جيڪو هر سال پيس ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن غير معمولي حالتن ۾ اهڙي طرح ايوان هلايو ويو ۽ جن ماڻهن انهن جي سربراهي ڪئي، مختلف پارٽين پاران رکيل وقت کان وڌيڪ وڌندي اپوزيشن مان جنهن ميمبر ڳالهائڻ چاهيو کيس موقعو ڏنو ويو هن چيو ته هي سموري ڪارروائي بهتر نموني سان اڳتي وڌي آهي ۽ مان ڪرونا جو شڪار ڪنهن ميممبر کي ايوان ۾ سڏائڻ جي ترديد ڪيان ٿو. پرڏيهي وزير چيو ته گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ۾ هڪ پارليماني ميمبر چيو ته وزيراعظم استعيفا ڏي وزيراعظم استعيفا ڇو ڏي پاڪستاني عوام کيس مينڊيٽ ڏنو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

دنيا ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 4 هزار 924 ماڻهو فوت

لنڊن(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 4 هزار 924 ماڻهو فوت ٿي ويا، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے