Home / پاڪستان / وزيراعظم غلطي جو اعتراف ڪري ته ان کان فيصلا غلط ٿيا يا استعيفا ڏيئي: بلاول ڀٽو زرداري

وزيراعظم غلطي جو اعتراف ڪري ته ان کان فيصلا غلط ٿيا يا استعيفا ڏيئي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم غلطي مڃي ته ان کان فيصلا غلط ٿيا يا وزيراعظم استعيفا ڏي ۽ گهر وڃي ڪنهن قابل ماڻهو کي  آندو وڃي حڪومت پيٽروليم ليوي وڌائي عوام جي کيسي تي ڌاڙو هنيو آهي تيل اسمن جي فيصلي کي فورم تي چئلينج ڪنداسين کنڊ، اٽو ماسڪ ۽ دوائن جي قيمتن جو نوٽيس ورتو ۽ سموريون شين جون قيمتون وڌي ويون وزيراعظم ڪنهن شئي جو نوٽيس نه وٺي پاڻ کي قرنطينه ۾ رکي حڪومت جي ڪرونا جي حوالي سان ڪا واضح پاليسي نه آهي هي نالائق ۽ نااهل آهن ڪم نٿا ڪري سگهن ڪٺپلي وزيراعظم به سرڪاري ملازمنجي پگهارن ۽ پينشنز ۾ واڌ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري سگهي ٿو، اسٽاڪ ايڪسچينج حملي جي مذمت ڪيون ٿا ڪارساز سانحي کان وٺي محترمه جي شهادت تائين اسامه بن لادن ملوث رهيو وزيراعظم بينظير کي شهيد نه پر اسامه کي شهيد چئي رهيو آهي هن سوال جو جواب ڏيو پيپلزپارٽي ۾ جنهن تي ڪرپشن جو الزام لڳو ڇا اهو باعزت بري ٿيو جڏهن اسان باعزت بري ٿينداسين ته ان جا ماڻهو جيل ۾ هوندا ۽ نيب جا ڪيس ڀوڳيندا رهندا سومر تي سيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بجيٽ تقرير ۾ چيو ويو ته تيل اسمن جي اگهن ۾ لاٿ سان 42 ارب جو رليف ملندو پر بجيٽ پاس ٿيڻ کان اڳ ئي عوام تي پيٽرول بم ڪيريو ويو بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جڏهن پي ٽي آءِ اپوزيشن هئي ته (ن) ليگ حڪومت تي تنقيد ڪندي هئي، پي ٽي آءِ اپوزيشن ۾ هوندي هئي ته وڏي دعويٰ ڪندي هئي ته حڪومت پيٽروليم ليوي وڌائي عوام جي کيسي تي ڌاڙو هنيو آهي هن چيو ته تيل اسمن ۾ اگهن ۾ واڌ جو غيرقانوني طريقي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي بلاول ڀتو زرداري چيو ته وزيراعظم لاءِ ٻه ئي آپشن آهن وزيراعظم يا ته معافي وٺي ته ان غلط فيصلا ڪيا آهن يا وري استعيفا ڏي ۽ گهر ڀيڙو ٿئي ۽ ڪنهن قابل  شخص کي اهو عهدو ڏنو وڃي بلاول ڀٽو زرداري حڪومتي ميمبرن تي تنقيد ڪندي چيو ته هي واپس پنهنجن تڪن ۾ ڪيئن ويندا ۽ عوام کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندا پيٽرول اگهن جو فائدو آئل ڪمپنين کي پهتو آهي هي پاڪستان تي ايڏو ظلم ڪري به ڪيئن پنهنجو پاڻ کي تحريڪ انصاف چون ٿا هي ڪيئن عوام کي جواب ڏيندا. انهن عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي جنهن سان مهانگائي جو طوفان ايندو پيپلزپارٽي ان جي مذمت ڪري ٿي. هن چيو ته دوائن اگهن ۾ 200 سيڪڙو واڌ ٿي ته وزيراعظم ان جو نوٽيس ورتو اوهان دوائن اگهن ۾ 500 سيڪڙو واڌ ڪري چڪا آهيو وزيراعظم اٽي کنڊ ۽ ماسڪ جو نوٽيس ورتو ته ان اگهن ۾ به واڌ ٿي ويئي وزيراعظم ڪنهن شئي جو نوٽيس نه وٺي پاڻ ڪي قرنطينه ۾ رکي ۽ لاڳاپيل ڪم ڪندڙن کي ڪم ڪرڻ ڏي هن چيو ته جهاز حادثو ٿيو فوتي پائليٽ تي ذميواري وجهي ڇڏي اهو وزير جيڪو جعلي ڊگري تي آهي خود ٻين تي جعلي ڊگرين جو الزام لڳائي ٿو ڪوبه جعلي ڊگري کي سپورٽ نٿو ڪري پنهنجي اداري کي درست ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اوهان شهيد جا لفظ حذف نٿا ڪريو اسان جا لفظ حذف ڪريو ٿا بلاول ڀٽو زرداري حڪومتي وزيرن ۽ ميمبرن جا نالا کڻي سوال ڪيو ته فواد چوڌري صاحب اوهان ٻڌايو ته محترمه بينظير ڀٽو شهيد آهي يا اسامه بن لادن شاهه محمود قرشي صاحب اوهان سوال جو جواب ڏيو، تهمينه مرزا اوهان ٻڌايو ته محترمه بينظير شهيد آهي يا اسامه بن لادن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

دنيا ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 4 هزار 924 ماڻهو فوت

لنڊن(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 4 هزار 924 ماڻهو فوت ٿي ويا، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے