Home / تازا ترين / 22 ڪروڙ پاڪستان عوام لاءِ توهان چئو ٿا ته ٽيڪس نه ڏينداسين: پي ٽي آءِ

22 ڪروڙ پاڪستان عوام لاءِ توهان چئو ٿا ته ٽيڪس نه ڏينداسين: پي ٽي آءِ

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ مرڪزي اڳواڻ ۽ پارلياماني ليڊر حليم عادل شيخ حنيد لاکاني سيڪريٽريٽ ۾ هڪ اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو ان موقعي تي ايم پي اي شاهنواز جدون، پي ٽي آئي اڳواڻ سربراه بيت المال سنڌ حنيد لاکاڻي،  پي ٽي آءِ اڳواڻ سيف الله ابڙو ، ڄام فاروق احمد ، آغا ارسلان احمد ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ شامل هئا. حليم عادل شيخ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته بلاول ٿوري نظر پنهنجي صوبي تي به وجهي خاص ڪري لاڙڪاڻي تي ، سنڌ جي ماڻهن کي پيئڻ لاءِ پاڻي نٿو ملي، ٿر ۾ ٻارڙا بک ۽ علاج نه ٿيڻ ڪري مري رهيا آهن، سنڌ جو هڪ هڪ سرڪاري کاتو ڪرپٽ اڳواڻ جي مثال آهي. بلاول جيڪڏهن سنڌ سان مخلص آهن ته ٿورو سنڌ تي به ڌيان ٿين رڳو ڀاشن ڏين ڪم نه هلندو. پيپلزپارٽي چئي ٿي ته سنڌ ۾ وٿ هولڊنگ ٽيڪس گڏ نه ڪنداسين، پهرين سنڌ جي آئين جي آرٽيڪل 77، 141،142 کي پڙهن ته آئين ڇا ٿو چئي. انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001 به چئي ته ٽيڪس گڏ ڪري وفاق کي ڏيڻو آهي. جيڪڏهن توهان کي اعتراض آهي ته قومي اسمبلي  ۾ اڪثريت آڻي تبديلي آڻي سگهو ٿا. 22 ڪروڙ پاڪستان عوام لاءِ توهان چئو ٿا ته ٽيڪس نه ڏينداسين. بلاول جوش خطابت ۾  اهي جملا چئي وڃي ٿو جنهن تي آئين جو ارٽيڪل 6 لاڳو ٿئي ٿو. آئون انهن کي غدار نٿو چوان آئين جي خلاف ورزي ڪرڻ ملڪ سان وفا ناهي.  سنڌ حڪومت 6 ارب روپيا وفاق جي ادا نه ڪيا آهن، 500 گاڏيون غير قانوني طريقي سان رجسٽرڊ هڙپ ڪري ويا. پيپلزپارٽي سياست ڪري آئين سان بغاوت نه ڪري. بلاول پنجاب ۾ هيلٿ الائونس جي ڳالهه ڪري رهيو آهي جڏهن ته اڄ سنڌ ۾ نرسون ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن. هن صوبي ۾ ڇا ٿي رهيو آهي اسان جي ليگل ٽيم غور ڪري رهي آهي. پيپلزپارٽي وارا چاهين ٿا انهن کي اين آر او ڏنو وڃي ۽ ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪيا وڃن ائين نه ٿيندو نه مائنس ون ٿيندو عمران خان اونلي ون آهي جيڪو پنهنجي نظريي تي بيٺل آهي. ڪرپٽ حڪمرانن کي بنا سزا جي نه ڇڏبو. سنڌ حڪومت ڪرپشن ڪري ڪراچي جي شناخت ئي مٽائي ڇڏي آهي. عزيز بلوچ جي جي آئي ٽي رپورٽ ڇو پڌري نه ڪئي پئي وڃي سموريون حقيقيتون عوام آڏو اچڻ گهرجن ته ڪيئن پيپلزپارٽي سنڌ جي عوام تي ظلم ڪيا آهن. پيپلزپارٽي چار صوبن مان صرف چار ڊويزنن تائين پهچي چڪي آهي سنڌ ۾ 270 ارب جون بي قاعدگيون ٿيون 2005 ۾ ٽي هزار ٻه سو ارب جي ڪرپشن ٿي 2017 ۽ 18 ۾ 15 هزار ارب جي ڪرپشن سنڌ ۾ ٿي سنڌ ۾ آڊيٽر جنرل جي رپورٽ پڌري ناهي ڪئي ويئي. جڏهن وفاق کي پنج سو ارب گهٽ مليا ته لاڪ ڊائون ڪرڻ کان اڳ سوچڻو هو ته ته روينيو ڪليشن گهٽ ٿي آهي پيپلزپارٽي چئي ته وفاق پئسن تي ڌاڙو هنيو آهي اهي پئسا ڪنهن جي پيءَ جا ناهن عوام جا پئسا آهن عوام تي ئي خرچ ٿيندا اهڙيون غلط ڳالهيون برداشت نه ڪنداسين. پهرين دفعو پي آئي اي جهاز ڪريش جي رپورٽ پڌري ٿي آهي. سمورا جعلي پائيليٽ پ پ  ۽ نواز دور ۾ ڀرتي ٿيا پاپلا جو نائب صدر به جعلي لائسنس رکندڙ آهي. سربراهه بيت المال حنيد لاکاڻي چيو ته اسان ڪراچي ۾ فلاحي ڪم ڪري رهيا آهنيون اسان کي مينڊيٽ مليو آهي اسان عوام جي حقن لاءَ جاکوڙ ڪري رهيا آهيون پي ٽي آئي جي تمام ورڪر نوڪر بڻجي عوام جي خدمت ڪري رهيا آهن. ڪراچي  ۾ هڪ دهشتگرد پارٽي جو راڄ هو ڪير به محفوظ نه هو. ڪي اليڪٽرڪ ايڪشن کڻن جو وقت اچي ويو آهي وزير اعظم کي اپيل آهي ته ادارو پنهنجي تحويل ۾ وٺن.  ڪراچي ۾ پاڻي جي قلت آهي پ پ جا ماڻهو ٽينڪر مافيا بڻيل آهي ڪاروبار ڪري خراب پاڻي وڪرو ڪري رهيا آهن. ڪي فور منصوبو ضروري آهي جيتري لاڳت لڳي منصوبو مڪمل ڪيو وڃي. لاڪ ڊائون جي ڪري ڪراچي کي تباهه ڪيو ويو ڪاروباري ماڻهن کي نقصان پهتو آهي پي ٽي آئي اڳواڻ سيف الله ابڙو چيو ته 2005 کان لاڙڪاڻو ۾ ڪم ڪري رهيا آهيون پيپلزپارتي کي 2005 کان تڪليف آهي اسان 2018 ۾ ناهي آيا آهيون منهنجو ڀاءُ 2007 ۾ ايم پي اي جي اليڪشن وڙهيو 5 هزا رووٽ مليا هئا 2013 ۾ ڏهه هزار ووٽ کنيا. هن چيو ته 18وي ترميم تي پ پ وارن کي وڏو ناز آهي هيلٿ ايجوڪيشن جي آڊٽ ڪرائي وڃي لياقت يونيورسٽي جي به آڊٽ ڪرائي وڃي حقيقتون سامهون اچي وينديون ته  چار ارب جون دوائون ڪيڏانهن ويون. اسان ماسڪ تقسيم ڪري رهيا آهيون سنڌ حڪومت اسپتالن ۾ سهولتون ناهن ڏنيون. پي ٽي آئي اڳواڻ ڄام فاروق چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ جو هر ضلعو موهن جو دڙو بڻائي ڇڏيو آهي. هن ملڪ ۾ اسان وڏن قربانيون ڏنيون آحن. اسان اهڙيون ملڪ خلاف سازشون برداشت نه ڪنداسين پ پ جي سنڌ حڪومت ڪرپٽ ترين حڪومت ثابت ٿي آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرونا وگهي وڌيڪ 15 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، انگ 6 هزار ٿي ويو

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 15 انساني جانيون کسي ورتيون، گذريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے