Home / پاڪستان / خواجه آصف کي سڀاڻي 3 جولاءِ تي ٻيهر طلب طلب ڪري ورتو

خواجه آصف کي سڀاڻي 3 جولاءِ تي ٻيهر طلب طلب ڪري ورتو

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو(نيب)  اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ خواجه آصف کي ڪينٽ هائوسنگ سوسائٽي سيالڪوٽ ڪيس ۾ ٻيهر طلب ڪري ورتو آهي.نيب لاهور جي ترجمان موجب خواجه آصف کي 26 جون تي طلب ڪيو ويو هو پر قومي اسميبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ سبب  هن ٻيهر نئين تاريخ گهري هئي.ترجمان ٻڌايو ته خواجه آصف طرفان وڪيل نجم الحسن نيب اختيارين کي جواب جمع ڪرايو هو پر نيب اختيارين جواب جو جائزو وٺڻ کان پوءِ غير تسلي بخش قرار ڏيندي ٻيهر طلب ڪيو هو.نيب مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ خواجه آصف کي سڀاڻي 3 جولاءِ تي ٻيهر طلب ڪندي ڏينهن جو 11 وڳي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي.واضح رهي ته ان کان اڳ نيب خواجه آصف کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ به طلب ڪري چڪو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرونا وگهي وڌيڪ 15 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، انگ 6 هزار ٿي ويو

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 15 انساني جانيون کسي ورتيون، گذريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے