Home / پاڪستان / احتساب ٿيندو، ڪهڙي شئي جو احتساب حڪمرانن کي شرم اچڻ گهرجي: مولانا فضل الرحمان

احتساب ٿيندو، ڪهڙي شئي جو احتساب حڪمرانن کي شرم اچڻ گهرجي: مولانا فضل الرحمان

ملتان(مانيٽرنگ ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته فاٽا جي خيبرپختونخواهه ۾ انضمام سان اُتان جو پراڻو ايف سي آر وارو قانون ختم ٿي ويو پر ڪو به نئون نظام ناهي ڏنو ويو. ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته فاٽا ۾ زمين جي ورڇ جو نظام موجود ناهي جنهن جي ڪري اُتان جا قبائلي پاڻ ۾ وڙهي پيا آهن ۽ ملڪ جي بقا جو سوال پيدا ٿي ويو آهي. هن پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت جي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل تازي بجيٽ کي رد ڪندي چيو ته نئين سال جو روينيو هدف گذريل سالن کان وڌيڪ هوندو آهي، هي پهريون ڀيرو آهي جو نئين سال جو هدف گذريل سالن کان گهٽ رکيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته 50 سالن ۾ پهريون ڀيرو هن حڪومت جي دور ۾ ٽيڪس نمو جي شرح ناڪاري ۾ وئي آهي ۽ سڌو سنئون پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ به پهريون ڀيرو 50 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. جي يو آءِ ف جي سربراهه جو چوڻ هو ته هن حڪومت تي ملڪ جي عوام جو ته اعتبار آهي ئي نه ۽ هاڻ سمنڊ پار پاڪستانين جو به ان تان اعتبار وڌي ويو آهي ۽ هو ٽيڪس ادا ڪرڻ پنهنجي مال زيان سمجهن ٿا. سندس چوڻ هو ته اسان جو موقف هميشه اِهو رهيو آهي ته چونڊون، حڪومت ۽ بجيٽ سب ڍونگ آهي، هن ملڪ کي انهن ماڻهن جي رحم ڪرم تي ڪيئن ٿو ڇڏي سگهجي؟هن چيو ته اڄ اسان جو موقف هر ڪنهن جي سامهون پيو اچي ۽ پهريون ڏينهن جيڪو اسان چيو اُهو صحيح هو، وڏا وڏا دانشور جيڪي انهن حڪمرانن جي پروجيڪشن جو حصو هئا، اُهو اعتراف ڪري رهيا آهن ته هن ووٽ ڏنو ۽ هنن جي حمايت ڪرڻ سندن غلطي هئي. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته چيو ويندو آهي ته احتساب ٿيندو، ڪهڙي شئي جو احتساب، اهڙي احتساب تي حڪمرانن کي شرم اچڻ گهرجي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ احتساب ڪميشن بڻائي وئي ۽ جڏهن ڏٺو ته ان جي ڄار ۾ پنهنجي ئي حڪومت جا ماڻهو پيا اچن ته ان کي ختم ڪيو ويو. هن چيو ته موجوده حڪومت پرڏيهي فنڊنگ ڪيس، بي آر ٽي ڪيس، بلين ٽري جي مسئلي تي عدالتن مان منع ناما پيا گهرندا وتن، سندن اِهو احتساب پنهنجو اعتماد وڃائي ويٺو آهي، اسان ان کان اڳ ئي قائل نه هئاسين پر هن ان کي برقرار رکڻ پئي چاهيو اُهي به اڄ پشيمان آهن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرونا وگهي وڌيڪ 15 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، انگ 6 هزار ٿي ويو

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 15 انساني جانيون کسي ورتيون، گذريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے