Home / پاڪستان / ڪوشش آهي وبا صورتحال ۾ ڪاروبار هلندو رهي: اسد عمر

ڪوشش آهي وبا صورتحال ۾ ڪاروبار هلندو رهي: اسد عمر

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا کي قابو ڪرڻ جي لاءِ بهتر قدم کڻڻ پهرين ترجيح آهي. ڪوشش آهي ته وبا جي پکيڙ کي روڪڻ سان گڏوگڏ روزگار به هلندو رهي.رپورٽ موجب وفاقي وزير اسد عمر صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته صورتحال ۾ بهتري اچي رهي آهي. جيڪڏهن احتياط نه ڪئي وئي ته ٻيهر سزا ملندي.وزيراعظم جي هدايت تي اين ڊي ايم اي اسپيشلائيزڊ اسپتال قائم ڪيو. هن چيو ته طبي عملي قومي جذبي تحت ڪورونا جو مقابلو ڪيو. جڏهن ته عوام مشڪل حالتن ۾ ملڪ جي لاءِ پرخلوص جذبي سان ڪم ڪيو. ايس او پيز تي عمل رهندو ته ڪاروبار به هلندو ۽ ماڻهو به صحتمند رهندا.ياد رهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا جي ڪيسن جو انگ 2 لک 25 هزار 283  تائين پهچي ويو آهي. جڏهن ته هڪ ئي ڏينهن ۾ 68 ڄڻا فوت ٿي ويا. جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 4 هزار 619 ٿي ويو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرونا وگهي وڌيڪ 15 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، انگ 6 هزار ٿي ويو

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 15 انساني جانيون کسي ورتيون، گذريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے