لاس اينجلس (شوبز) هالي ووڊ جي سپر اسٽار ٽام ڪروز گذريل ڏينهن پنهنجي 58هين سالگرهه ملهائي. فلم ٽاپ گن سان شهرت ماڻيندڙ اداڪار ٽام ڪروز 3 جولاءِ 1962ع تي نيو يارڪ ۾ پيدا ٿيو، هو هيل تائين ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي ۽ بهترين اداڪاري سبب آسڪر سميت ٻيا ڪيترائي ايوارڊ پنهنجي نانءِ ڪري چڪو آهي. 19 ورهين جي عمر ۾ هالي ووڊ فلم دي اينڊ ليس لو سان پنهنجو ڪيريئر شروع ڪندڙ ٽام ڪروز جي فلمي زندگي هجي يا سندس ذاتي زندگي هو هميشه کان مداحن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل رهيو آهي. 1996ع ۾ ٽام ڪروز جي مشهور فلم مشن امپاسبل رليز ٿي جنهن باڪس آفيس تي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو ۽ 64 ملين ڊالر جو رڪارڊ بزنس ڪري ڪيترائي ايوارڊز پنهنجي نانءِ ڪيا. ٽام ڪروز جي 2005ع جي فلم وار آف دي ورلڊز 230 ملين ڊلرز کان وڌيڪ ڪمائي ڪري شهرت ماڻي. هو مشن امپاسبل جي ٻين حصن ۾ به ڪم ڪري چڪو آهي.
