Home / شوبز / شاهه رخ خان اڳ ئي پسند هو، ساڻس فلم جي آڇ ٿي ته يقين نه آيو: ماهرا

شاهه رخ خان اڳ ئي پسند هو، ساڻس فلم جي آڇ ٿي ته يقين نه آيو: ماهرا

ڪراچي (شوبز) جڳ مشهور اداڪارا ماهرا خان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت ۾ ڪم ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي تجربي بابت آگاهه ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽس موجب پاڪستان فلم ۽ ڊراما انڊسٽري جي خوبصورت اداڪارا ماهرا خان ڪيترائي ڀيرا پنهنجي مداحن کي بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ جي حوالي سان آگاهه ڪري چڪي آهي پر تازو هن ان حوالي سان ٻيهر ڳالهايو آهي. ڊراما سيريل هم سفر ذريعي شهرت ماڻيندڙ اداڪارا ماهرا خان 2017ع ۾ شاهه رخ خان سان فلم رئيس ۾ ڪم ڪيو هو، هي ماهرا جي پهرين بالي ووڊ فلم آهي جنهن ۾ هن شاهه رخ خان جي زال جو ڪردار ادا ڪيو هو. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شاهه رخ خان منهنجو ڪرش هو (يعنيٰ ماهرا شاهه رخ کي پسند ڪندي هئي) جڏهن مون کي بالي ووڊ مان شاهه رخ خان سان فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي ته مون کي يقين نه آيو. ماهرا خان وڌيڪ چيو ته مون کي ڀارت ۾ ڪم ڪري واقعي سٺو لڳو، مان پهريون ڀيرو شاهه رخ سان ڪم ڪيو جيڪا منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. مان هميشه سوچيندي هيس ته جيڪڏهن مان ڪڏهن ڀارت ۾ ڪم ڪيو ته شاهه رخ خان سان ڪنديس ۽ ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ سٺو لڳو. هن چيو ته رئيس جي شوٽنگ دوران فلم جي ٻي ڪاسٽ ۽ ميمبرن سان به سٺو تجربو رهيو، فلم کي مڪمل ٿيڻ ۾ ٻه سال لڳا ان دوران مان سڀني سان هزارين يادون گڏ ڪري ورتيون.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اقرا عزيز نئين سرگرمي تي عمل شروع ڪري ڇڏيو

ڪراچي: (شوبز) پاڪستان جي خوبصورت اداڪاره اقرا عزيز ڪورونا وبا سبب لاڪ ڊائون دوران نئون  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے